ٽنڊوالھيار (رپورٽ : حسرت لغاري) ڊسٽرڪٽ بار ٽنڊوالھيار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراھ ۽ سنڌ بچايو ڪميٽي جي سرواڻ سيد زين شاھ ٽنڊوالھيار پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته قومي اسيمبلي ذريعي گذريل ٽن سالن دوران جيڪا قانون سازي ڪئي وئي آھي اھا قومي ۽ صوبائي مفادن وٽان ناھي. اسين چاھيون ٿا ته سڀئي ادارا پنھنجن آئيني حدن ۾ رھي ڪم ڪن. ڪينال ڪڍڻ لاءِ ايندڙ خرچن لاءِ به حڪمران آئي ايم ايف وٽ ويل آھن. ملڪ جي اقتصادي ۽ معاشي حالت انتھائي خراب آھي ۽ قومي اثاثا وڪرو ڪيا پيا وڃن جيڪو عمل تمام گھڻو خطرناڪ آھي. سيد زين شاھ پنھنجن ٻين ساٿين امير علي ٿيٻو، رمضان ٻرڙو، رسول بخش لغاري، پرويز علي شاه ۽ عنايت الله ٿيٻو سان گڏ ٽنڊوالھيار پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جون حالتون انتھائي خراب آھن، 8 ضلعن ۾ ته قانون جي حڪمراني سواليا نشان بڻيل آھي. زراعت تباھ آھي، بدعنواني عام آھي، سرڪاري نوڪرين ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿي رھي آھي ۽ نوڪريون وڪرو ٿي رھيون آھن. ڪميشن کي کليل مارڪيٽ بڻايو ويو آھي ۽ نوڪرين ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪري حقدارن جو استحصال ڪيو پيو وڃي،تعليم، صحت، مڪاني ادارن سميت ۽ ٻين ادارن ۾ خدمت ۽ اھليت جو جنازو نڪري چڪو آھي ۽ ايندڙ نسل کي ھڪ منصوبابندي تحت تباھ ڪيو پيو وڃي. ڪراچي ۾ ٽينڪر مافيا ۽ ڊسمپر مافيا جو راڄ قائم آھي، اسين ان ڪري موجوده حڪمرانن تي مڪمل طرح بي اعتمادي جو اظھار ڪريون ٿا. اسان کي جوڊيشل مارشل لا قبول ناھي، حڪمران پنھنجي مرضي مطابق جنھن کي چاھين ان کي نااھل قرار ڏيئي پنھنجي مرضي جو راڄ قائم ڪرڻ ۾ رڌل آھن. ٻين مسئلن تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ اجرڪ ۽ نمبر پليٽن جي تبديلي جھڙا مسئلا پيدا ڪري رھيا آھن. سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته اسين ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف ھجي ۽ ملڪ کي برابري جي بنيادن تي ھلايو وڃي. هن چيو ته دريا م ھن وقت پاڻي آھي پر شاخون بند آھن، فصل تباھ ٿي رھيا آھن، ٻيلا ھٿ سان ختم ڪيا ويا آھن