”اسان کان به غلطيون ٿيون، هاڻي بس ٿيڻ گهرجي“

پشاور  (م ڊ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته سروءُ ۾ وڻن تان پن به ايتري تيزي سان نه ٿا ڪرن، جيترا تيزي سان اسان جا ميمبر نااهل ڪيا ويا آهن، چونڊن ۾ اسان 170 سيٽون کٽيون، ايوان ۾ وياسين ته 91 سيٽون ٿي ويون هاڻي اسان جي ميمبرن جو انگ 76 رهجي ويو آهي، اسان جا ميمبر دهشتگرد ناهن، اسان کان به غلطيون ٿيون آهن، پر هاڻي بس ٿيڻ گهرجي، پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيل ۾ دهشتگرد کي به بنيادي حق ملن ٿا، پر باني ملڪ جو مقبول ترين اڳواڻ آهي، جنهن کي جيل ۾ بنيادي حق به نٿا ڏنا وڃن، بئرسٽر گوهر چيو ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقات لاءِ مون کي وڃڻ نه ڏنو ويو، گذريل ڏينهن منهنجو نالو لکيو ويو هو پر مان بونير ۾ مصروف هئس، تنهنڪري وقت تي باني سان ملاقات لاءِ نه پهچي سگهيس، عمران خان جيڪو فيصلو ڪندو، اهو ئي اسان جو فيصلو هوندو، اسان تحريڪ به هلائينداسين، عدالتن ۾ به وينداسين، ڏسون ٿا ڪيتري دير تائين رليف ملندو، اسان جي ڪوشش جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.