مذهبي اقليتن خلاف تشدد ۾ اضافو، ايڇ آر سي پي کي ڳڻتي

لاهور(بيورو)انساني حقن واري ڪميشن (ايڇ آر سي پي) جي زيِرِ اهتمام هڪ سيمينار ۾ گذريل سال مذهبي اقليتن جي خلاف وڌندڙ تشدد تي شديد تشويش جو اظهار ڪيو ويو۔ هن موقعي تي ايڇ آر سي پي پنهنجي سالياني رپورٽ “خوف جي گهٽيون: 2024/25 ۾ مذهب يا عقيدي جي آزادي” پڻ جاري ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ مذهبي آزادي ۽ اقليتي حقن لاءِ گذريل سال نهايت پريشان ڪن ثابت ٿيو۔رپورٽ موجب پنجاب ۽ سنڌ ۾ ننڍي عمر واري هندو ۽ عيسائي ڇوڪرين جي جبري مذهب جي تبديلي ۽ شاديءَ جا واقعا تسلسل سان سامهون آيا آهن، جيڪي ٻالڪپڻ جي شاديءَ کي روڪڻ وارن قانونن تي عملدرآمد ۾ سنگين ناڪامي کي ظاهر ڪن ٿا۔ وڌيڪ اھو به چيو ويو ته نفرت انگيز تقريرن ۾ اضافو ٿيو آهي، جن ۾ اعليٰ عدليه جي ججن کي سڌي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ چونڊيل نمائندن جي تذليل جهڙا واقعا شامل آهن۔ ھن رجحان نه صرف شھري آزاديءَ کي محدود ڪيو آهي پر انتهاپسند عنصرن کي وڌيڪ حوصلو به ڏنو آهي۔ايڇ آر سي پي پنهنجي رپورٽ ۾ وڪيل تنظيمن جي انتهاپسند مذهبي گروهن ڏانھن جھڪاءُ کي به خطري وارو قرار ڏنو آهي۔ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته ڪجهه سيڪيورٽي ادارن جي ملي ڀڳت سان سوين نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي توهينِ مذهب جي مقدمن ۾ ڦاسايو ويو ۽ انهن کان ڀتو وصول ڪيو ويو۔ ايڇ آر سي پي اهو به چيو ته ميڙ کي تشدد تي اڪساندڙ عنصرن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اقليتن جي حقن لاءِ ھڪ آزاد ۽ بااختيار قومي ڪميشن ٺاهي وڃي، جنهن ۾ سڀني مذهبي برادرين جي مساوي نمائندگي هجي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.