وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل پاران ڪي پي جو هوائي دورو، ٽمبر مافيا خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد/ پشاور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي وزيرن عطا الله تارڙ، امير مقام ۽ احسن اقبال سان گڏ خيبرپختونخوا جي ٻوڏ متاثر علائقن جو هوائي جائزو ورتو ۽ قبضي مافيا ۽ ٽمبر مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي ريسڪيو ۽ رليف آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته وزيراعظم بونير ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪري امدادي چيڪ به ورهايا، بونير ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آئون هن اوچتي آفت ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان همدردي ڪرڻ آيو آهيان، اترين علائقن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن جا واقعا سڄي قوم لاءِ ڏک جو سبب بڻيا آهن، انساني جانين جي ضايع ٿيڻ کان وڌيڪ ڪا ٻي تڪليف نه ٿي سگهي، بادل ڦاٽڻ سبب پاڻي جا وهڪرا ٻوڏ ۾ تبديل ٿي ويا، جنهن سبب وڏا نقصان ٿيا، 350 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، سوين زخمي ۽ لاپتا آهن، متاثر علائقن ۾ امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ ڪو به فرق نه ڪيو ويندو، موجوده موسمي حالتن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، غيرقانوني هوٽل ٺاهڻ ۽ ان جي اجازت ڏيڻ ناقابلِ معافي ڏوهه آهي، قبضي خلاف سخت پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، دنيا جي ڪنهن به قانون ۾ قبضي لاءِ ڪا به گنجائش نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.