نالن تي قبضن ۽ حڪومتي نااهلي سبب ڪراچي ٻڏي:صنعان قريشي

ملير(ڊ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته غلط انجنيئرنگ، پاڻي جي نالن تي قبضن ۽ حڪمرانن جي نااهلي سبب سنڌ جو انٽرنيشنل شهر ڪراچي برسات ۾ ٻڌي وڃي ٿو!هن چيو آهي ته ڪراچي جي مُک روڊ شهراه فيصل تي پاڻي جي نالن تي ڌارين ماڻهن قبضا ڪري وڏا شاپنگ سينٽر ۽ پلازا ٺاهي ڇڏيا آهن، جنهن سبب برسات دوران شاهراه فيصل تي گاڏيون هلڻ بدران ٻيڙيو هلن ٿيون، لکين ماڻهو پاڻي ۾ ڦاسي پون ٿا،معصوم ٻار ،عورتون، بزرگ، بيمار ماڻهن کي سخت پريشانين کي مُنهن ڏيڻو پئي ٿو،سرڪار پاران ان صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِڪي به اُپاءُ نه وٺڻ انساني جانين سان کيڏڻ برابر آهي، جيڪا سرڪار جي نااهلي آهي، هن جسقم جي ڪارڪن کي به هدايت ڪئي ته برسات متاثر ماروئڙن جي واهر ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.