حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان ريلوي جي ترجمان پڌرو ڪيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ برساتن جي ڪري رحمان بابا ايڪسپريس ، قراقرم ايڪسپريس ، علامه اقبال ايڪسپريس ، ملت ايڪسپريس ۽ سکر ايڪسپريس پنهنجي مقرر وقت کان هڪ کان اڌ ڪلاڪ دير سان راونيون ٿينديون، جنهن لاءِ پاڪستان ريلوي معذرت خواه آهي جڏهن ته باقي سموريون ريل گاڏيون پنهنجي مقرر وقت تي پنهنجي منزل ڏانهن روانيون ٿينديون.
برساتن سبب ڪي پي ۾ 20 ارب کان وڌيڪ جو نقصان
پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڏانهن موڪلي وئي، جنهن موجب تازين برساتن سبب صوبي ۾ 20 ارب رپين کان وڌيڪ جو مالي نقصان ٿيو آهي ۽ صوبي جي 20 کاتن جي 603 سرڪاري ملڪيتن کي به نقصان رسيو آهي، بٽگرام ۾ سڀ کان وڌيڪ 214 سرڪاري عمارتون تباهه ٿيون، سوات ۾ 97، باجوڙ ۾ 65 ۽ مانسهره ۾ 58 سرڪاري عمارتون متاثر ٿيون، 37 سرڪاري تعليمي ادارا، 83 روڊ ۽ 10 پلون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون، رپورٽ مطابق آبپاشي کاتي کي 10 ارب 32 ڪروڙ 80 لک رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو، جڏهن ته سي اينڊ ڊبليو کاتي کي 3 ارب 43 ڪروڙ 80 لک رپين، تعليم کاتي کي هڪ ارب 44 ڪروڙ 90 لک رپين ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي کي 21 ڪروڙ 70 لک رپين جو نقصان پهتو.
ممبئي ۽ مهاراشٽر تيز برسات،7 ماڻهو فوت
ممبئي(م ڊ) ممبئي سميت ڀارتي رياست مهاراشٽر جي ٻين شهرن ۾ به تيز برساتون جاري آهن، جنهن سبب ڪيترائي حادثا پيش آيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو فوت ٿي ويا، ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي ۾ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آفيسون، اسڪول ۽ ڪاليج بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته شهر جي هوائي ۽ ريل سروس کي به شديد متاثر ڪيو ويو آهي، ان کان سواءِ ممبئي يونيورسٽي جا سمورا امتحان ملتوي