ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي الزام هنيو آهي ته 18 سالن جي ڪرپشن ۽ نااهلي ڪراچي کي ٻوڙي ڇڏيو. هن چيو ته گذريل ڏينهن برسات کان پوءِ شهر ٻڏي ويو، روڊ ڍنڍون بڻجي ويا، گاڏيون ڦاسي ويون ۽ ماڻهن جي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو پر سنڌ حڪومت ۽ مڪاني ادارا گم رهيا. حليم عادل شيخ موجب پي ٽي آءِ نمائندا عوام سان گڏ رهيا، پيپلزپارٽي ڪراچي دشمن پارٽي آهي.