چوڏهين جو چنڊ هجي ته پاڻي سمنڊ ۾ ناهي ويندو: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) سنڌ جي مڪاني کاتن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته جيڪڏهن چنڊ جي 14 تاريخ هجي ته برسات جو سارو پاڻي سمنڊ ۾ نه ٿو وڃي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ هن وضاحت ڪئي ته ڪراچي سطح سمنڊ کان هيٺ آهي ۽ جڏهن چنڊ مڪمل ٿئي ٿو ته سمنڊ جي سطح بلند ٿي ويندي آهي، جنهن ڪري پاڻي سمنڊ ۾ نٿو وڃي سگهي. سعيد غني چيو ته اها قدرتي ڳالهه آهي، تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن نيڪال ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، پر حڪومت پاڻي ڪڍڻ جي پوري ڪوشش ڪري ٿي. هڪ ٽي وي انٽرويو دوران هن چيو ته جڏهن برسات پوندي ۽ پاڻي ايندو ته اوهان ڇا سمجهو ٿا، مان ڪو سپرمين ته ناهيان جو هيٺ اچي ان پاڻي کي روڪي وٺان. اهڙي ڳالهه ناهي ته سڄو ڪراچي برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، جتي جن ماڻهن جون ذميواريون آهن، اهي اتي موجود آهن ۽ پنهنجو ڪم ڪري رها آهن. ٻئي پاسي هڪ بيان ۾ سعيد غني چيو ته برسات کان پوءِ نيڪال جو عمل فوري شروع ڪيو ويو ۽ صبح تائين سڀ رستا صاف ڪيا ويا. هن چيو ته تيز برسات ۽ ماڻهن جي هڪ ئي وقت گهرن ڏانهن روانگي سبب ٽريفڪ جام ٿي. سعيد غني چيو ته تياري نه هئڻ واري ڳالهه سياسي پوائنٽ اسڪورنگ آهي، ڇو ته 150 ملي ميٽر برسات جو پاڻي ڪجھ ڪلاڪن ۾ صاف ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.