جيڪڏهن عمران خان معافي گهري ته…؟

تحرير: محمد حنيف

ڪڏهن اوهان معافي گهري آهي؟ دل سان گهري آهي؟ ڇا اوهان کي معافي ملي وئي؟ فرض ڪريو اوهان دل جي گهراين سان معافي گهري ۽ معافي ملي به وئي، پر اوهان کي ڪيئن خبر پوندي ته معاف ڪندڙ به دل سان اوهان کي معاف ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ڪو جيل ۾ بند شخص حڪمران وقت کان معافي گهري ٿو، ته هر ڪو اهو ئي سمجهندو ته اها معافي مصلحت تحت گهري وئي آهي، دل سان نه. ۽ جيڪڏهن حڪمران قبول به ڪري وٺي، تڏهن به اهو تاثر رهندو ته حڪمران جي به ڪا پنهنجي مصلحت هوندي، تنهن ڪري هن چيو ته "چڱو، قبول ٿي. پر اهڙي قسم جي معافي ۾، معافي وٺندڙ ۽ معافي ڏيندڙ ٻنهي جي دل ۾ هڪ نئين ڳانٺ پئجي ويندي آهي، جيڪا وري ڪنهن اڻمعاف لائق گناهه جو سبب بڻجي سگهي ٿي. اسان پنهنجن ٻارن کي به سيکاريندا آهيون ته "چلو، سوری چئو.” ڪنهن محبوب جي دل ۾ دراڙ اچي وڃي، ته به اسين صرف "سوری” چوندي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. پر مونکي هڪ ڀيرو سبق مليو ته "آءِ ايم سوری” جو دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪو حقيقي مطلب ڪونهي.

اسان جي نسل جا صحافي زندگيءَ جا سبق ايڊيٽرن کان گهٽ ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن کان وڌيڪ سکيا آهن. مونکي به معافيءَ جو فلسفو هڪ بزرگ ٽيڪسي ڊرائيور سمجهايو. سڙڪ تي تمام گهڻو رش هو. مون کيس چيو: "چلو، مان اوهان کي شارٽ ڪٽ ٻڌايان ٿو.” هن چيو: "سڌي رستي سان هلنداسين ته به منزل تي پهچي وينداسين. مون چيو: "هي کاٻي هٿ واري سنهي گلي مان وٺو.” سفر ڊگهو ٿيندو ويو. هو بار بار پڇندو رهيو: "هاڻي ڪٿي؟ هاڻي ڪٿي؟” ۽ مان اندازن سان کيس رستو ٻڌائيندو رهيس. آخرڪار جڏهن هن جي سموري شام برباد ڪري منزل تي پهتو هئس، ته مان ڪرائي ڏيندي کيس "سوری” چيو. هن روڪي چيو: "تون بلڪل معافي نه ٿو گهري. نه توکي پنهنجي غلطيءَ جو احساس آهي. جيڪڏهن هجي ها ته تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها هجن ها، تون گڙگڙائي معافي گهرين ها. هي ٿورا پيسا جيڪي تون ٽپ طور ڏئي رهيو آهين، اهي به پنهنجي وٽ رک، ڇو⁠تہ تون بلڪل به ‘سوری شوری’ نه آهين.”

هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن خان صاحب واقعي ، اکين ۾ ڳوڙها آڻي معافي گهري ته ڇا کيس معافي ملي ويندي؟ ڇا اها دل سان هوندي؟ هن سياست ۾ جيڪي به غلطيون ڪيون آهن، گهٽ ۾ گهٽ اهو ته سکيو هوندو ته هتي معافي گهري به جعلي ويندي آهي ۽ ملندي به وقتي هوندي آهي. ڇا نواز شريف ۽ زرداري صاحبان سچي دل سان معافي گهري اقتدار ۾ آيا هئا؟ ڪڏهن اوهان ڪنهن پيار ڪرڻ واري کان "سوری” ڪئي آهي ۽ هن اوهان کان اڳ ۾ اهو پڇيو هجي ته "پهريائين اهو ته ٻڌاءِ، معافي کس ڳالهه جي پيو گهرين؟ پنهنجا گناهه ٻڌاءِ، پوءِ ڏسنداسين ته تنهنجي سوری دل سان آهي يا رڳو جان ڇڏائڻ لاءِ.” ته خان صاحب جي فهرست ته ايتري ڊگهي هوندي جو ترتيب ڏيڻ ۾ ئي جيل اندر ڇهه مهينا، سال گذري ويندا. جيڪڏهن هو رڳو اهو چئي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪن ته "مان اوهان جي ڪلهن تي ويهي اقتدار ۾ آيو هوس ۽ پوءِ اوهان کي ئي چار شاني چت ڪرڻ جو خواب ڏسي ويٺو هوس”، ته به اعتراض اٿاري سگهجي ٿو ته جنهن کان معافي گهري رهيو آهي، تنهنکي پنهنجي جرم ۾ شريڪ به ظاهر پيو ڪري. معافيءَ لاءِ جيڪا مقدس ڪهاڻيءَ مان تاويل وٺي فرشتن ۽ شيطان جو حوالو ڏنو ويو، اها به اسان جي سياسي تناظر ۾ بلڪل بيجا لڳي ٿي. ڌرتيءَ تي معافي ڌرتيءَ جي سطح تي ئي رهڻ گهرجي ۽ آسمان واري معافي آسمان تي ئي.

هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن خان صاحب واقعي ، اکين ۾ ڳوڙها آڻي معافي گهري ته ڇا کيس معافي ملي ويندي؟ ڇا اها دل سان هوندي؟ هن سياست ۾ جيڪي به غلطيون ڪيون آهن، گهٽ ۾ گهٽ اهو ته سکيو هوندو ته هتي معافي گهري به جعلي ويندي آهي ۽ ملندي به وقتي هوندي آهي. ڇا نواز شريف ۽ زرداري صاحبان سچي دل سان معافي گهري اقتدار ۾ آيا هئا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.