سنڌ ۾ بدامني جو راڪاس ۽ حڪومت جي لاتعلقي

تحرير: محمد اسماعيل لانگاھ 

سنڌ ۾ هن وقت اتر سنڌ جا سڀئي ضلعا حڪومتي بيوسي ۽ بيحسي سبب ڏوهارين جي ڪنٽرول ۾اچي ويا آھن جنهن سنڌ جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آ. ڪجھه ڏينهن پهرين ڪشمور جي ڪچي واري علائقي هڪ پوليس پڪٽ تي بيهي جديد هٿيارن سان ليس ڏوهارين پاران وائرل ڪيل ويڊيو ان ڳالهه جو ثبوت آھي ته انهن ڏوهارين خلاف پوليس بيوس نظر اچي پئي  يعني ڏوهاري پنهنجي اثر رسوخ هيٺ آيل علائقن ۾ پوليس کي موجود ئي نه  پيا  سمجهن ۽ انهن قانون جي  رٽ کي کلي عام  چئليج ڪيو آھي ۽ ڏوهارين جي اهڙي نموني جي وائرل ڪيل  ويڊيو ڪا نئن  ناهي وقت بوقت هو حڪومت کي چئليج ڪندا رهندا آچن پيا پر حڪومت به صوبي اندر هن سنگين معاملي تي  ڪوبه توجھ نه پئي ڏئي نه وري پوليس کي ڏوهارين خلاف ڪارروائي جو اختيار  ڏنو پيو وڃي

 سنڌ صوبي جي اتر سنڌ وارن ضلعن دادو لاڙڪاڻو سکر گهوٽڪي شڪارپور ڪنڌڪوٽ ڪشمور قمبر شهدادڪوٽ  جيڪب آباد ۾ امن امان جي صورتحال هن وقت ايتري ته خراب ٿي  وئي آھي جو امن پسند خاندانن جو انهن ضلعن ۾ رهڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويو آھي سوين خاندان انهن ضلعن مان لڏپلاڻ ڪري رهيا آھن پر نه حڪومت هن مسئلي تي جاڳي پئي نه وري قانون کي جاڳايو پيو وڃي امن معاشري جو اهم مسئلو آھي  جنهن کي فعال ۽ بهتر رکڻ حڪومت جي اولين ذميواري هجي ٿي پر هن وقت سنڌ ۾ جهڙي نموني بدامني جي باھ ٻري  وئي آھي ان کي ٿڌو ڪرڻ بجاءِ  حڪومت ۽ پوليس کاتو  پنهنجن ذميوارين نڀائڻ بجاءِ  ڄڻ ٻرندي تي تيل هارڻ وارو ڪم ڪري رهيا آھن ٻنهي پاسن کان ڏوهارين خلاف ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ اسٽينڊ نه پيو ورتو وڃي ۽ سنڌ جي عوام غي محفوظ نظر اچي رهي آهي ڏوهاري ايترا ته  بي خوف ٿي چڪا آھن جو هو ڏينهن ڏٺي جو روڊ رستا بلاڪ ڪري مسافرن توڙي  ٽرانسپورٽ مالڪن کان ڦرلٽ ڪري پوليس جي اکين اڳيان غائب ٿي وڃن ٿا ۽ اسانجي پوليس ٿاڻن تي مقرر عملو خبر ناهي انهن جون ڪهڙيون ذميواريون آھن ۽ اعلي آفيسرن کان هو ڪهڙن ڊيوٽين تي لڳايا ويا آھن

اتر سنڌ جا ضلعا بدامني جي حوالي سان سن 80 واري ڏهاڪي کان وٺي بدنام رهيا آھن جتي وقت بوقت ايندڙ حڪومتن بجاء پوليس جي سموري سنڌ ڪراچي کان وٺي ڪاڇي۽ ڪشمور  تائين آرمي ۽ رينجرز جا آپريشن ڪرائي ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو ڪرائي کين  انجام تي پهچايو ۽جڏهن به سنڌ ۾ عادي ڏوهارين خلاف ڪو ائڪشن نٿو ٿئي ته ان ۾ سيکڙاٽ ڏوهاري به موقعو وٺي عوام کي نقصان پهچائن ٿا جيئن هن وقت پوري سنڌ ۾ بدامني پکڙيل آهي جنهن ۾ ڦر ڌاڙا چوري موٽر سائيڪل ڦر ۽اغوا جهڙين وارداتن ۾ واڌ اچي وئي آھي جيڪا ڪنٽرول ٿيڻ ناممڪن نظر اچي پئي غريبن جو گهرن مان رات ته پري جي ڳالهه پر  ڏينهن جو نڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آھي ماڻھون نه ڪو ڪاروبار ڪري سگهي پيو نه وري روزگار اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ماڻھن جو جيئڻ حرام  ٿي ويو آھي غريبن جا ننگ ۽ دنگ به غير محفوظ بڻجي  ويا آھن

ن ليگ جي اڳوڻي  دور ۾ خاص طرح سنڌ ۾ بدامني جي باه وري ڀڙڪو کاڌو ڪراچي کان ڪشمور جي ڪچي ڪاڇي جي کيرٿرجبلن تائين  سموري سنڌ ۾ وفاقي حڪومت پاران ڏوهارين خلاف ڀرپور  اسٽينڊ وٺي کين ختم ڪرڻ ۽ امن بحالي لاءِ فل فراء ۽ هاف فراء جهڙو حڪمنامو جاري ڪيو اهڙي فل ائڪشن ڪاروائي کانپوءِ قانوني طريقي سان حڪومت ڏوهارين جو متيون ئي منجهائي ڇڏيو سوين عادي ڏوهارين کي فل فراءِ ڪيو ويومعمولي وارداتن ۾ ملوثن کي هاف فراءِ ڪيو ويو سنڌ جي عوام جو سڪون برباد ڪندڙ ڏوهارين پوليس وٽ پاڻمرادو هٿيار ڦٽا ڪرڻ شروع ڪيا ڏوهارين خلاف حڪومت جو حرڪت ۾ اچڻ عوام لاءِ انتهائي بهتر فيصلو ثابت ٿيو جيڪي روڊرستا شهر بدامني سبب عوام  لاءِ نوگوايريا بڻيل هئا انهن شهرن روڊ رستن شاهراهن ۽ علائقن جون رونقون بحال ٿي ويون هر ماڻھون پرسڪون زندگي گذارڻ لڳو جيڪڏي  ماڻھون ڏينهن جو به خوف ۾ سفر  ڪندا هئا اهي راتين جي وقت ۾ بي خوف ٿي سفر ڪرڻ لڳا ۽ آهستي آھستي عوام پنهنجي ڪاروبار وسيلي ترقي طرف وڌڻ لڳي ن ليگ حڪومت ختم ٿيندي ئي پ پ حڪومت طرفان واڳون سنڀاليندي ئي گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ بدامني جو راڪاس  هڪ دفعو ٻيهر ڇائنجي چڪو آھي ۽ سنڌ ۾ ھڪ طرف سرداري نظام ٻئي طرف قبائلي جهيڙن ۾ واڌ جو ڪارڻ بدامني جو سبب بڻيل آھي هرهڪ ماڻھون جي واتان اهي ئي لفظ رونما ٿيڻ لڳا آھن سنڌ ۾ پ پ ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪندي رهي آھي اهو ايئن ته معني ڏوهاري ماڻھون پ پ سان لاڳاپيل سردارن جا ماڻھون آھن  پ پ ۽ سنڌ جي پوليس انهن سردارن وٽ يرغمال بڻيل آھي جيڪڏهن ڪو ڏوهاري پڪڙيو به وڃي ٿو ته ان کي ڇڏائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي ايوان کان ڪالون اچڻ لڳن ٿيون مطلب ته  ڏوهاري ماڻھن جو سنڌ جي اعلي سياسي قيادت سان واسطو رهندو آيو آھي پوليس جي بيوسي اها آھي ته  پوليس ٿاڻا ايس ايس پيز  ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي تڪ جي سياسي نمائندن معرفت  ٺيڪي طور عطا ڪيا وڃن ٿا اندازي مطابق ڇا انهن علائقن ۾ حقيقي امن بحال  ٿيڻ جي اميد ڪري  سگهجي ٿي ؟

 بدامني جي پکڙيل باھ کان پوءِ هن وقت سنڌ جو عوام صوبي ۾ مڪمل طور  پائدار امن بحالي جو گهرجائو آھي ۽ هروقت اهو مطالبو ورجايو پيو وڃي ته سنڌ ۾ ڏوهارين خلاف رينجرز آپريشن ٿيڻ گهرجي پر پ پ حڪومت ايون سنڌ اسيمبلي ڏوهارين خلاف لاءِ اهڙي عمل جي هروقت مخالف رهي آھي پ پ حڪومت نه پاڻ ڪم پئي ڪري نه وري پوليس کي اهو ڪم ڪرڻ ڏئي پئي مطلب ته ڏوهارين جي حوالي سان عوام جيڪو وهم گمان ڪري رهي آھي ان ۾ تر جيترو به شڪ ناهي

جڏهن به سنڌ ۾ پائدار امن بحال ٿيو آھي ته اهو ن ليگ حڪومت ۾ ئي ٿيو آھي جيڪڏهن پ پ قيادت کي سنڌ جي عوام سان حقيقي همدردي آھي ته هو امن امان جي بحالي لاءِ سنڌ جي عوام جي مطالبي تي سنجيدگي سان غور ڪري ڏوهارين خلاف سخت ڪاروائي ڪري سنڌ جي عوام کي پرسڪون زندگي گذارڻ  جو موقعو فراهم ڪيو وڃي

جڏهن به سنڌ ۾ پائدار امن بحال ٿيو آھي ته اهو ن ليگ حڪومت ۾ ئي ٿيو آھي جيڪڏهن پ پ قيادت کي سنڌ جي عوام سان حقيقي همدردي آھي ته هو امن امان جي بحالي لاءِ سنڌ جي عوام جي مطالبي تي سنجيدگي سان غور ڪري ڏوهارين خلاف سخت ڪاروائي ڪري سنڌ جي عوام کي پرسڪون زندگي گذارڻ  جو موقعو فراهم ڪيو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.