ٽن مهينن تائين ڪنهن کي حراست ۾ رکڻ وارو بل سينيٽ مان منظور، اپوزيشن جو گوڙ

اسلام آباد (رپورٽر) قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ به دهشتگردي خلاف قانون ۾ ترميم وارو بل منظور ڪري ڇڏيو، بل جي منظوري وقت اپوزيشن شديد احتجاج ڪيو ۽ بل کي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ بغير منظور ڪرائڻ خلاف واڪ آئوٽ ڪيو، پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر چيو ته هن ترميم سان ايس ايڇ او کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته هو بنا ڪنهن سبب جي ڪنهن کي به 3 مهينا قيد ڪري سگهي ٿو، گرفتار شخص کي 3 مهينا تائين عدالت تائين رسائي کان به روڪيو ويو آهي، اهڙا قانون 200 سال اڳ انگريزن جي دور ۾ متعارف ڪرايا ويا هئا، اهڙو تڪراري قانون بحث ۽ ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ بغير منظور نٿو ڪرايو وڃي سگهي، قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ دهشتگردي خلاف قانون ۾ ترميم جو دفاع ڪندي چيو ته اهي ترميمون 73ع جي آئين جي روح مطابق آهن، ملڪ ۾ دهشتگردي جي باهه ٻري رهي آهي، پنهنجن پٽن کي هٿ پير ٻڌي وڙهڻ لاءِ نٿا موڪلي سگهون، هن وڌيڪ چيو ته اها ئي پارليامينٽ قانونسازي ڪري دهشتگردي خلاف پنهنجن ادارن کي مضبوط بڻائڻ واري آهي، هي قانون پهريون ڀيرو سانحو اي پي ايس پشاور کان پوءِ آيو هو، اهو قانون ڪاميابي سان عدالتي جانچ مان به گذري چڪو آهي، واضح رهي ته هڪ هفتو اڳ قومي اسيمبلي دهشتگردي خلاف ايڪٽ ترميمي بل ڪثرت راءِ سان منظور ڪيو هو، بل جي متن موجب بغير پختا ثبوتن جي ڪنهن به شخص کي حراست ۾ نه ورتو ويندو  ۽ حراست ۾ رکيل شخص کي 3 مهينن کان وڌيڪ وقت تائين رکڻ لاءِ معقول جواز لازمي قرار ڏنو ويو آهي، بل تحت سيڪشن 11 فور اي جي ذيلي شق هڪ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، ترميمي بل مطابق هٿياربند فوجون يا سول آرمڊ فورسز ڪنهن به شخص کي 3 مهينن تائين حفاظتي حراست ۾ رکڻ جون مجاز هونديون، ملڪ جي سلامتي، دفاع ۽ امن امان لاءِ ڪنهن به شخص کي حراست ۾ رکيو وڃي سگهندو، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي به حراست ۾ رکيو ويندو، ترميمي بل مطابق انهن ڏوهن ۾ ملوث شخص جي حراست جي مدي کي آرٽيڪل 10 تحت 3 مهينن کان وڌايو وڃي سگهندو، حراست هيٺ شخص خلاف جاچ گڏيل جاچ ٽيم ڪندي، دهشتگردي خلاف ايڪٽ ترميمي بل 3 سالن لاءِ لاڳو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.