ڪراچي ۾ بند ٿيل بجلي بحال نه ٿي سگهي

ڪراچي: شهر جي مختلف علائقن ۾ 600 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي به بند ٿي وئي،  برسات کان پوءِ ڪي اليڪٽرڪ جو ڊسٽري بيوشن نظام اڃان تائين غير مستحڪم آهي. بلديه ۾ 68، بن قاسم ۾ 52 ڊفينس ۾ 50، گلشن اقبال ۾ 46، گلستان جوهر ۾ 62، ڪورنگي ۾ 59، اورنگي ۾ 82، سوسائٽي ۾ 68، سرجاني ۾ 57، لياقت آباد، ناظم آباد ۾ فيڊرز ۽ پي ايم ٽي ٽرپ ٿي ويا. فيڊرز جي  بحالي جو ڪم اڃان تائين شروع نه ٿي سگهيو، ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيڪنيڪل ٽيمن کي گرائونڊ ڪليئرنس نه ملڻ تي بحالي ۾ دير ٿي رهي آهي، مختلف علائقن ۾ انڊر گرائونڊ ڪيبل فالٽس ۽ سب اسٽيشن ۾ پاڻِ ڀرجڻ سبب بجلي جي فراهمي معطل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.