ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهارین خلاف جاري آپريشن کي وڌيڪ مضبوط ۽ تيز ڪيو ويندو، جڏهنته ڪراچي ۾ غيرقانوني هائيڊرنٽ ختم ڪري پاڻي جي فراهمي کي بهتر بڻايو ويندو۔اجلاس ۾ ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل اويس دستگير، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، صوبائي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار، ڊائريڪٽر جنرل رينجرز ميجر جنرل محمد شمريز، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمن، انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ، اسپيشل برانچ جا ايڊيشنل آءِ جي ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جا نمائندا پڻ موجود هئا۔وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي۔ پوليس کي هدايت ڏني وئي آهي ته ڌاڙيلن سان مقابلو ڪن، کين هٿيار ڇڏڻ تي مجبور ڪن۔ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ هر صورت ۾ امن قائم رکڻو آهي، ڀنگ لاءِ اغوا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو۔ اجلاس جو مقصد ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو آهي،اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ واٽر بورڊ جا آفيسر پڻ شامل هئا، جتي شهر جي پاڻي جي سنگين مسئلن تي بحث ڪيو ويو۔ ٻڌايو ويو ته پراڻي انفراسٽرڪچر سبب پاڻي جو دٻاءُ گهٽجي ويو آهي، پائيپ بار بار ڦاٽڻ ۽ ليڪيج وڌي ويا آهن، جنهن سبب غيرقانوني پاڻي چوري کي هٿي ملي رهي آهي۔ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته منظم ڏوهاري گروهه مکيه سپلائي لائينن مان غيرقانوني ڪنيڪشن وٺي ٽينڪر ڀرين ٿا ۽ بغير فلٽر ٿيل پاڻي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪن ٿا۔ هي غيرقانوني ڪاروبار مڪمل نيٽ ورڪ سان هلي رهيو آهي،واٽر بورڊ اختيارين ٻڌايو ته غيرقانوني ڪنيڪشن ۽ هائيڊرنٽن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي۔ وڏن باقيدارن جا پاڻي ڪنيڪشن ڪٽڻ ۽ سي او ڊي تي پاڻي سان لاڳاپيل ڏوهن لاءِ الڳ پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ جو عمل جاري آهي۔اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ٽربيونل جي قيام جو عمل تيز ڪيو ويندو، قانوني سڌارا ۽ ڪميونٽي رپورٽنگ سسٽم کي بهتر بڻايو ويندو۔ پاڻي جي ميٽرنگ، نگراني، ماسٽر پلاننگ سان گڏوگڏ جديد ايس سي اي ڊي اي سسٽم، ٽيڪس سروي، ۽ اثاثن جو انتظام لاڳو ڪيو پيو وڃي۔اجلاس جي آخر ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڻي چوري خلاف سخت قانوني ۽ ضابطي وارا قدم کنيا ويندا ته جيئن ڏوهن کي روڪي سگهجي .