ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن دوران ٻوڙان ٻوڙ برسات جو امڪان

اسلام آباد(م ڊ) موسميات کاتي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب جي مختلف شهرن ۾ به ڪٿي ڪٿي تيز برسات متوقع آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ بلوچستان جي ڪجهه ضلعن ۾ به گجگوڙ سان تيز برسات جا امڪان آهن، موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن دوران ٻوڙان ٻوڙ برسات جو امڪان آهي، برساتن سبب ندين، نالن ۽ چشمن ۾ ٻوڏ اچڻ جو خطرو آهي، جڏهن ته پنجاب، اسلام آباد، پشاور ۽ سنڌ جي هيٺاهين علائقن ۾ اربن فلڊنگ جا امڪان موجود آهن، ٻئي طرف خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ لينڊ سلائيڊنگ جا خطرا به وڌي ويا آهن، جنهن تي اختيارين شهرين ۽ مسافرن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.