سنڌ حڪومت جي نااهليءَ ۽ ڪرپشن سبب صورتحال خراب آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ برساتن دوران انتظاميا منظرعام تان گم آهي، سنڌ حڪومت جي نااهليءَ ۽ ڪرپشن سبب ڪراچي ۾ برساتي ٻوڏ واري صورتحال آهي، زندگي مفلوج بڻيل آهي، پيپلز پارٽي جي ڪرپشن سبب برساتن دوران سنڌ جي سمورن شهرن جا روڊ رستا گٽر نالن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ رين واٽر هارويسٽنگ جا منصوبا جوڙي برساتي پاڻي جمع ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، اڳواڻن چيو ته واسا لاهور، لاهور ۾ برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا آهن پر بدقسمتي سان واسا حيدرآباد، واسا سکر، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن سميت سنڌ جي سمورن ادارن جي بجيٽ پيپلز پارٽي هڙپ ڪري ڇڏي آهي، انهن ادارن ۾ ڪرپٽ ۽ نااهل ڪامورا ڀرتي ڪيا ويا آهن. جنهنڪري اهي ادارا ناڪارا بڻيل آهن. واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ڪراچي، واسا حيدرآباد ۽ سکر سميت سمورن شهرن جي ميونسپل ڪميٽين جي بجيٽ جي آڊٽ ڪري، ڄاڻايل ادارن جي ڪرپٽ ڪامورن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.