اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هڪ هفتو بنا لوڊشيڊنگ جي لڳاتار بجلي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي نقصانن ۽ امدادي ڪارروائين بابت اجلاس ٿيو، وزيراعظم خيبرپختونخوا جي متاثر علائقن ۾ هڪ هفتو بنا لوڊشيڊنگ جي لڳاتار بجلي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته متاثر ماڻهن ۾ امدادي رقم جي ورهاست لاءِ ضروري ڪارروائي فوري مڪمل ڪئي وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪن جي تعداد کي فوري طور تي ٻيڻو ڪيو وڃي، پاڻي وسيلن وارو وزير معين وٽو آزاد ڪشمير ۾، جڏهن ته عوامي معاملن وارو وزير راڻا مبشر صوابي ۾ امدادي ڪم جي نگراني ڪندا، وزيراعظم چيو ته وفاقي وزير امير مقام، عبدالعليم خان، اويس خان لغاري ۽ سردار يوسف متاثر علائقن جا دورا ڪيا، لاڳاپيل وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽرين، وفاقي سيڪريٽرين، پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن جو شڪرگذار آهيان، سڀني ادارن فوري هدايتن کان پوءِ امداد ۽ بحالي لاءِ قدم کنيا ۽ کڻي رهيا آهن.