ڪراچي ۾ برسات سبب انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس متاثر

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ صبح کان جاري برسات سبب شهر جو انفراسٽرڪچر سخت متاثر ٿي ويو آهي، جتي روڊ بند ٿيڻ ۽ ٽريفڪ جام سان گڏوگڏ بجلي، انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس به متاثر ٿي وئي آهي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽڊ (پي ٽي سي ايل) انٽرنيٽ سروس ۾ ايندڙ تعطل جي تصديق ڪري ڇڏي آهي۔ڪمپني طرفان جاري ڪيل اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي سي ايل ۽ يو فون جي سروسز تي ڊيٽا ڪنيڪٽوٽي جا مسئلا درپيش آهن۔پي ٽي سي ايل جي ترجمان موجب، ڪمپني ۽ يو فون جي ٽيمون خدمتن کي جلد کان جلد بحال ڪرڻ لاءِ مڪمل تياري ۽ مستعدي سان ڪم ڪري رهيون آهن۔اعلاميي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته “اسان هن تڪليف لاءِ پنهنجي صارفين کان معذرت خواهه آهيون۔”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.