عمران خان جي ڀينرن قومي ڊائلاگ واري خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي بانيءَ جي ڀينرن قومي ڊائلاگ بابت هلندڙ خبرن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته بانيءَ ڪڏهن به اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي،نورين خان جو چوڻ هو ته بانيءَ قومي ڊائلاگ جي ڳالهه ئي ناهي ڪئي۔ جڏهن ته نورين نيازي وضاحت ڪندي چيو ته گذريل ٻن کان ٽن هفتن کان وٺي ڪنهن به پارٽي رڪن جي بانيءَ سان ملاقات نه ٿي آهي، پوءِ قومي ڊائلاگ واري ڳالهه ڪيئن سامهون اچي سگهي ٿي؟

ان موقعي تي موجود عليمه خان چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ موجوده حڪومت خوف جي ڪري اهڙيون بي بنياد خبرون هلايا پيون وڃن۔ هن ٻڌايو ته آخري ملاقات تائين قومي ڊائلاگ بابت ڪا به ڳالهه نه هئي، جڏهن عظميٰ خان بانيءَ سان ملي هئي، ان وقت به اهڙو ڪو به ذڪر نه ٿيو۔عظميٰ خان جو چوڻ هو ته هاڻي ڳالهه ٻولهه يا ڊائلاگ بدران تحريڪ اڳتي وڌندي، جڏهن ته عليمه خان به ورجائي چيو ته بانيءَ جو واضح موقف آهي ته قومي ڊائلاگ بدران تحريڪ کي اڳتي وڌايو وڃي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.