ٻوڏ جي نالي تي پ پ اربين رپيا لٽيندي:رياض چانڊيو

ڪراچي(پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ٻن ڪلاڪن جي برسات سڄي ڪراچي شھر کي ٻوڏ ۾ لوڙھي ڇڏيو آھي 2022 واري برسات لاءَ  به چيو ويو هيو ته قدرتي آفت آهي اڄ جي برسات کي به چيو ٿو وڃي ته قدرتي آفت آھي قدرتي آفت جو نالو ڏئي پيپلزپارٽي ڪروڙين  سنڌين جون اربين روپين جون ملڪيتون تباھ پئي ڪري هن ٻوڏ جي نالي تي پ پ پ مافيا ۽ ملڪي ادارا شھرين جا کربين روپيا لٽيندا رهيا آھن اڄ به ڊزاسٽر مينيجمينٽ وٽ کربين روپيا فنڊ پيو آھي وزيراعلي وٽ فنڊ پيو آھي پر جيڪي سنڌ ۾ ملڪي ادارا آھن اهي ڀتي خوري ۾ سڀ ملوث آھن ۽ سنڌ جا ماڻھون بي يارو مددگار آھن 2010 ۽ 2022 جي ٻوڏن دوران به سنڌ جي ماڻھن کي ننڌڻڪو ڇڏيو ويو  ترقياتي منصوبن جي نالي تي سڀ ادارا لٽمار ڪندا رهيا آھن هن چيو ته  برسات ماحولياتي رحمت آھي پر سنڌ حڪومت ان کي  زحمت بڻائي جيڪي ترقياتي منصوبا مڪمل نه ٿيا آهن اهي ڏوھ لڪايا پيا وڃن وري نون ترقياتي منصوبن جي نالي تي کربين جي ڪرپشن ڪن ڪو به ملڪي ادارو عدليا پارليامينٽ يا ٻيا احتساب جا ادارا ڏوهارين ۽ ڦرلٽ ڪندڙ حڪمرانن جو احتساب نٿا ڪن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.