برسات ڪراچي کي ٻوڙي ڇڏيو، ٻارڙن سميت 8 ڄڻا فوت، اڄ عام موڪل

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) ڪراچي ۾ سانوڻي جي طاقتور سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي ۾ تيز برسات جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو جنهن سبب مختلف  علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. جڏهن ته بجلي جي ڪرنٽ ۽ بت ڪرڻ جي واقعن ۾ ٻارڙن سميت 8 ماڻھو فوت ٿي ويا. ڪراچي شهر ۾ ٻنپهرن جي وقت ٻيهر ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا جنهن سبب مختلف علائقن سرجاني ٽائون، فيڊرل بي ايريا، گلشن اقبال، قيوم آباد، گلستان جوهر، ملير، شاهراهه فيصل، ناظم آباد، نيو ڪراچي ۾ تيز هوائن سان برسات شروع ٿي وئي. تيز برسات سبب شهر جي مُک روڊن سان گڏوگڏ اندروني گهٽين ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، گلشن حديد ۾ هڪ ڪلاڪ کان تيز برسات سبب گهٽيون پاڻي هيٺ اچي ويون جنهن سبب پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو ماڻهو پنهنجو قيمتي سامان محفوظ جڳهه تي ٺڪاڻي لڳائڻ لڳا. حسن اسڪوائر، نيپا چورنگي، ضياءَ ڪالوني، گلشن اقبال، لياقت آباد، جيل چورنگي، ڪارساز، ڪورنگي، لانڍي، ڀٽائي ڪالوني، سچل، صفورا۽ ايڪسپريس وي سميت ڪيترن ئي هنڌن تي برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو. شاهراهه فيصل، بندر روڊ، ڪورنگي روڊ، چندريگر روڊ سميت مک شاهراهون درياءُ بڻجي ويون برسات سبب ڀت ڪرڻ جي واقعن ۾ 5 ماڻهو فوت ٿي ويا. گلستان جوهر بلاڪ 12 راڊو بيڪري جي ويجهو هڪ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 4 ماڻهو فوت ۽ هڪ شخص زخمي ٿي پيو. فوتين ۽ زخمين کي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوتين ۾ 4 سالن جي معصوم ٻارڙي مريم ڌيءَ افضل، 3 سالن جو حمزه پٽ افضل ۽ 24 سالن جي سميعه زال مبين  شامل آهن. فوتين ۾ 28 سالن جو هڪ شخص شامل آهي جڏهن ته 10 سالن جي زخمي ٻار جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. اورنگي ٽائون سيڪٽر 11.5 خليل مارڪيٽ ۾ اقصيٰ مسجد جي ويجهو گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 8 سالن جو ٻار عبدالله پٽ عباس فوت ٿي ويو، ۽ ان کي ڇيپا ايمبولينس ذريعي عباسي اسپتال منتقل ڪيو ويو. نارٿ ڪراچي سيڪٽر A3/5 اجمير نگري ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 65 سالن جو محمد اسحاق فوت ٿي ويو آهي. شهر ۾  600 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي به بند ٿي وئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.