ڪراچي (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ ٿيندڙ شديد برساتن ۽ اربن فلڊنگ واري صورتحال تي سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه سان ٽيليفوني رابطو ڪيو، جنهن دوران وفاقي حڪومت طرفان مڪمل مدد ۽ تعاون جي آڇ ڪئي وئي۔وزيراعظم چيو ته موجوده هنگامي صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي۔شهباز شريف، چئيرمين اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ حڪومت سان لڳاتار رابطو رکن ۽ هنگامي ضرورتن جي حوالي سان مڪمل سهڪار ڪن۔ هن وڌيڪ چيو ته اين ڊي ايم اي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڏکڻ سنڌ جي ضلعن ۾ متوقع برساتن بابت مڪمل تياري ۽ عوامي آگاهي کي يقيني بڻائي.