اڄ تعليمي ادارا بند، شهري غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرن

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ حڪومت اڄ سرڪاري ۽ خانگي اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي سينئر وزير سخت برساتن جي پيش نظر شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن. هڪ بيان ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ برسات دوران سنڌ حڪومت جي سموري مشينري متحرڪ آهي ۽ پاڻي جي نيڪال جو عمل جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته مختلف علائقن ۾ اڃا به برسات جو سلسلو جاري آهي.

،ان لاءِ شهرين کي گهرجي ته اهي برسات ختم ٿيڻ جو انتظار ڪن ۽ احتياط اختيار ڪن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام جي جان ۽ حفاظت سڀ کان اهم آهي، ان ڪري شهرين کي گهرجي ته اهي پنهنجي حفاظت لاءِ گهرن ۾ ئي رهن. هن ٻڌايو ته صوبائي وزير سعيد غني ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي اڳواڻي ۾ ضلعي انتظاميا، ڪي ايم سي، واٽر بورڊ ۽ ريسڪيو ادارا پوري طرح سان متحرڪ آهن.   برساتي نالن جي صفائي، رڪاوٽن جي خاتمي، مشينري ذريعي پاڻي ڪڍڻ ۽ هنگامي رستن کي کليل رکڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ شهرين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.