ڪراچي/سکر( رپورٽر/نمائندا) چوماسي برساتن سبب سنڌو ۽ ٻين دريائن ۾ وهڪرا وڌي ويا، گڊو ۽ سکر ۾ هيٺين درجي جو چاڙهه اچي ويو آهي. ڪالاباغ، تربيلا، چشما، تونسا وٽ به سنڌو ۾ وهڪرا وڌي ويا. ستلج، راوي ۽ ڪابل ۾ چاڙهه سبب سنڌو جي وهڪرن ۾ واڌ اچي وئي آهي. ستلج ۾ هيڊ سليمانڪي ۽ گنڊا سنگهه وٽ چاڙهه اچي ويو. سليمان جبل جي جابلو سلسلي ۾ برساتن سبب سنڌو ۾ وڌيڪ چاڙهه جو امڪان آهي.