ماڻهو پريشان آهن پر غيرضروري گهرن مان نه نڪرن: ميئر ڪراچي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضىٰ وهاب چيو آهي ته جيڪڏهن 40 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿئي ٿي ته صورتحال خراب ٿي پوي ٿي، تنقيد ڪرڻ ماڻهن جو حق آهي، پر حقيقتون به ڄاڻڻ گهرجن، اسان سڀ روڊن تي آهيون ۽ صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون، مون کي اندازو آهي ته ماڻهو پريشان آهن، ماڻهو غيرضروري طور گهرن مان نه نڪرن، برسات جو سلسلو ختم ٿيڻ کان لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ پوءِ صورتحال معمول تي اچي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.