حيدرآباد(رپورٽر) کاٻي ڌر جي اڳواڻن چيو آهي ته قومن جي وسيلن تي قابض قوتون پنهنجي ڦرلٽ واري نظام کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ نوان صوبا ٺاهڻ جا شوشا ڇڏي رهيون آهن، پاڪستان ۾ شامل صوبا ڪي انتظامي يونٽ نه پر تاريخي وطن آهن، جن جي جاگرافي ۽ وحدت خلاف ٿيندڙ هر سازش خلاف سخت مزاحمت ٿيندي. ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته اقتدار تي قابض قوتون نون صوبن جو شوشو ڇڏي ڪارپوريٽ فارمنگ، معدني وسيلن جي ڦرلٽ، تاريخي ثقافتي ۽ سياحتي مرڪزن تي قبضي ۽ نون ڪينالن خلاف هلندڙ تحريڪن جو رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. هن چيو ته حڪمران مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا آهن، پاڪستان معاشي بحران جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، مختلف وقتن تي قبضاگيري جي سوچ رکندڙ حڪمران ڌريون ماڻهن جو اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ شوشا ڇڏين ٿيون، جيڪڏهن قومن جي تاريخي وطنن کي قبضاگيري جي لاءِ ٽڪرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي. عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو چيو ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ واريون ڳالهيون ڪن خاص مقصدن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيون وينديون آهن، اهو ممڪن ئي ناهي ته نوان صوبا ٺهن، قومن جي وسيلن، معدنيات ۽ زمين تي قابض حڪمران طبقن پاران مختلف وقتن تي اهڙا شوشا ڇڏيا ويندا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ شامل تاريخي قومون پنهنجي وطنن جي ورهاست کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنديون، قومن جا تاريخي وطن ڪي انتظامي يونٽ ناهن جن کي ٽوڙي سگهجي. هن چيو ته حڪمران طبقن جي اها ئي ڪوشش رهي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هو مظلوم قومن ۽ طبقن جي وسيلن تي قابض ٿي چڪ هڻندا رهن ۽ هن وقت به انهن قوتن کي اهي سموريون سهولتون مليل آهن، هي هائبرڊ نظام آهي، جيڪو اقتدار جي اصل مالڪن جي خواهش موجب پيو هلي. نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته قومون پنهنجن تاريخي وطنن جي تحفظ جي لاءِ جانين جون قربانيون ڏينديون آهن ۽ پاڪستان به تاريخي حيثيت رکندڙ قومن ٺاهيو، ان ڪري انهن جي وطنن کي ٽڪرا ڪرڻ واري ڪا به سازش ڪامياب نٿي ٿي سگهي. جيڪڏهن حڪمران طبقا ملڪ ۾ نون صوبن ٺاهڻ جي لاءِ ڪا سازش ڪري رهيا آهن ته اها انهن جي وڏي غلطي هوندي. هن چيو ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون گهڻيون پراڻيون ٿي چڪيون آهن، ماضيءَ ۾ جيڪي صوبا ٺاهڻ جون خواهشون رکي ڪوششون ڪندا رهيا اهي هاڻ ڪٿي به نظر نٿا اچن. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نثار لغاري چيو ته حڪمران طبقا ملڪ ۾ شامل قومن جي تاريخي وطنن خلاف سدائين سازشون ڪندا رهيا آهن، هو قومن کي دٻائي ڪمزور رکڻ جي لاءِ ڪڏهن ون يونٽ جي شڪل ۾ ته وري ڪڏهن نون صوبن جي قيام جون ڪوششون ڪندي پڌرا ٿين ٿا. هن چيو ته حڪمران طبقا قومن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران نوان منصوبا ٺاهڻ واريون نيون شرارتون پيا ڪن، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ واري منصوبابندي کي رد ڪريون ٿا، قومن جي تاريخي وطنن جي جاگرافي سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي. هوڏانهن سنڌين نيشنل ڪانگريس جي چيف آرگنائيزر ايڊووڪيٽ محب آزاد چيو آهي ته نون صوبن واري ڳالھه ھڪ نئون تماشو ۽ شوشو آهي، پر ان شوشي کي به اسان سنڌ جي وحدت تي وار سمجھون ٿا، سنڌ ھڪ آھي ۽ ھڪ رھندي. هن چيو ته ٿي سگھي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جا نون صوبن جي آڙ ۾ اڃا به ڪي ٻيا منصوبا ھجن، پر ڪنهن به شڪل ۽ منصوبي جي پٺيان جيڪڏهن سنڌ وطن خلاف ڪا به سازش ٿي ته ان خلاف سخت مزاحمت ٿيندي، اسان حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان مٿان زوري پنهنجا فيصلا مڙهڻ بند ڪيا وڃن، سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڌرتي ڌڻي هر صورت ۾ ڪندا، سنڌي قوم پرامن ۽ عوامي جدوجهد تي يقين رکي ٿي ۽ ان جدوجهد جي تسلسل کي قائم رکندي سنڌ دشمن قوتن کي شڪست ڏني ويندي.
-
مڪاني نظام جا اختيار واضح ڪري صوبائي مالياتي ڪميشن جوڙي وڃي
ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ اسمبلي جي ميمبرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن مطالبن ڪيو آهي ته مڪاني نظام جي اختيارن بابت آئيني طور واضع ڪري صوبائي مالياتي ڪميشن جوڙي ڪئي وڃي ـ ڪالھ ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ ھڪ سماجي تنظيم پاران سنڌ ۾ مڪاني حڪومتن بابت وائيٽ پيپر جي تياري لاءِ ٽين مشاورتي ويهڪ ۾ سماجي اڳواڻ ملڪ طاهر اقبال ۽ پروگرام مينيجر شيرين اعجاز ڳالهائيندي چيو ته سڀني اسٽيڪ هولڊرز جون سفارشون مسودي ۾ شامل ڪيون وينديون ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي ڊاڪٽر فوزيا حميد چيو ته سنڌ ۾ مڪاني نظام آھي پر جنهن جي صوبائي حڪومت ھجي ٿي اھو بلدياتي نظام پنهنجي مرضي سان ھلائي ٿو۔ من پسند مڪاني نمائندن کي بجيٽ ڏني وڃي . آئين ۾ ترميم ڪري مڪاني نظام ۽ اختيارن کي واضع ڪيو وڃي ۽ صوبائي مالياتي ڪميشن جوڙي وڃي۔ پي ٽي آء جي ايم پي اي ريحان بندوڪڙا جيو ته سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن شفاف نه ٿي ـ ڪراچي جو ميئر جڳاڙ ڪري ميئر ٿي ويو ـ جڏهن ته جھموريت جو دارومدار مڪاني نظام سان جڙيل آھي انھي کي بھتر ڪيو وڃي۔ اڳوڻي ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو چيو ته مڪاني نظام ٻين صوبن ۾ ناھي پر سنڌ ۾ آھي ڇاڪاڻ جو پ پ سدائين عوام جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿي اھو ئي سبب آھي جو مڪاني ادارن جي بجيٽ وڌائي آھي۔ ضياءُالرحمٰن چيو ته سنڌ ۾ مڪاني حڪومتن جو نظام ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 140-اي جي باوجود مڪاني حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ سياسي عزم جي کوٽ آهي، جنهن ڪري اختيارن جي منتقلي، وسيلن جي منصفاڻِي ورهاست ۽ احتساب جو نظام ڪمزور آهي. مڪاني حڪومتن جا اهم مسئلا انتظامي رنڊڪون مالي تڪليفون، سياسي ۽ اداراتي مداخلت سميت صلاحيتن جي کوٽ آهي.
انھي مشاورت ۾ اپوزيشن جي ٽنهي پارٽين جا ايم پي ايز، سنڌ بار، ڪراچي بار، لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ سول سوسائٽي جي شريڪ نمائندن پنهنجا ويچار ونڊيا.