ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي قبضا قبول ناهن:نياز ڪالاڻي

بلڙي شاھ ڪريم(رپورٽ: الطاف حسين رند)جسقم جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، جاويد هاليپوٽو، گلشير

ڪولاچي، زوهيب جمالي،صوفي حامد سنڌي، راجا مائيسري سان گڏ بلڙي شاھ ڪريم پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي سرزمين تي قبضا ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا۔ سنڌ حڪومت کي مخاطب ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن زمينون ورهائڻ جو شوق آهي ته سنڌين کي ڏنيون وڃن ته جيئن هو پنهنجو گذر سفر ڪري سگهن، پر ڪمپنين کي سنڌ جي زمينون ڏيڻ سنڌ واسين سان وڏي ناانصافي آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي پاڻي تي به ڌاڙا هنيا ويا آهن، سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهي سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي سازش هلي رهي آهي، اڳواڻن اعلان ڪيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف 29 تاريخ تي بدين ۾ وڏي ريلي ڪڍي ويندي ۽ ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.