ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ڪراچي جي علائقي ملير بن قاسم ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ خطرناڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪندڙ پوليس اهلڪار کي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري گهر جي در تي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ محمد خان ابڙوجي نالي سان ٿي آهي، جيڪو اسٽيل ٽائون ٿاڻي ۾ بطور اي ايس آءِ مقرر هو، کيس گهر ٻاهران ان وقت نشانو بڻايو ويو جڏهن هو سادا ڪپڙا پهري بيٺل هو، پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد آفيسر تي اڳ ۾ به فائرنگ ٿي هئي. محمد خان ابڙو ڪجهه ڏينهن اڳ خطرناڪ ڏوهارين کي پڪڙيو هو ۽ سندس فرياد تي اسٽيل ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، واقعي واري هنڌ تان 5 خول هٿ آيا، جڏهن ته مقتول کي 3 گوليون لڳيون، جن مان 2 ڇاتي ۽ هڪ مٿي ۾ لڳي. لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادو چيو ته مقتول اي ايس آءِ کي 3 کان وڌيڪ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. واقعي واري هنڌ تي ڪٿي به سي سي ٽي وي ڪئميرا موجود نه آهي. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته اي ايس آءِ خلاف گذريل ڏينهن اسٽيل ٽائون ۾ ڪيس داخل ٿيو هو. هو اڄ عدالت مان ضمانت وٺڻ بعد پنهنجي ڀاءُ جاويد ابڙو سان گڏ گهر واپس پهتو ته اڻڄاتل ماڻهن گاڏي مان لهندي ئي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو، محمد خان ابڙو 4 ٻار ۽ بيواهه کي سوڳوار ڇڏي ويو آهي، ٻئي پاسي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي اي ايس آءِ جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ آءِ جي پوليس کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.