ڪراچي (رپورٽر) روسي قونصل جنرل آندري ويڪٽوريچ فيڊروف چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطيءَ تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، پاڪستان اسٽيل ملز سان لاڳاپيل اهم نقطن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، جڏهن حتمي فيصلو ٿيندو ته اسين پاڻ اطلاع ڏينداسين، اسرائيل غزه ۾ معصوم ٻارن جو قتل ڪري رهيو آهي، هڪ ڏينهن اسرائيل کي هن ظلم جو جواب ڏيڻو پوندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سهيل افضل خان ۽ ٻين روسي قونصل جنرل جو استقبال ڪيو، ان موقعي تي فرضن جي ادائيگي دوران شهيد ٿيل روسي صحافين جي تصويرن جي نمائش به ڪئي وئي، ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب طرفان روسي قونصل جنرل کي اجرڪ ۽ شيلڊ پيش ڪئي وئي، روسي قونصل جنرل چيو ته مون کي ڪراچي پريس ڪلب اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، صحافين جو سماج جي فلاح ۽ بهبود ۾ تمام اهم ڪردار آهي، صحافت هڪ انتهائي اهم شعبو آهي ۽ ان شعبي جي وڏي اهميت آهي، سچ جي راهه ۾ ڪيترن ئي روسي صحافين پنهنجون جانيون قربان ڪيون، روس انهن صحافين کي ڪڏهن به نه وساري سگهي ٿو، روسي ٻولي سيکارڻ بابت به پاڪستان ۾ ڪم ٿي رهيو آهي.