سنڌ انتظامي طور تباهه ٿي چڪي آهي:علي خورشيدي

سکر(رپورٽ: سيد نعيم شاھ)سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن نجم مرزا، جمال احمد، انيل ڪمار، محمد دانيال، عبدالباسط، فرحان انصاري، معيد انور ۽ فيصل رفيق سان گڏ سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته برساتن سبب 19 آگسٽ تي ٿيندڙ جنرل ورڪرز ڪنوينشن ۽ گورنر سنڌ جو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي. سنڌوءَ  جي ڪناري تي واقع سکر جهڙي وڏي شهر ۾ اڄ به صاف پاڻي جي عدم دستيابي انتهائي افسوسناڪ آهي. صوبي جي حڪومت ڪراچي کان ڪشمور تائين هر هنڌ بدانتظامي جي ذميوار آهي ۽ سنڌ جو ٽيون وڏو شهر هجڻ باوجود سکر بنيادي سهولتن کان محروم آهي ڪراچي وانگر سکر ۾ به اسٽريٽ ڪرائيم حد کان وڌي ويو آهي پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت 25 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ باوجود عوام کي ڪو به رليف ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي هن چيو ته  سنڌ انتظامي طور تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ڪنهن به اداري ۾ بغير رشوت جي ڪو به ڪم ممڪن ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.