لنڊن (م ڊ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ تمام سٺي نموني سان هلي رهيو آهي ۽ هن وقت 27هين ترميم جي ڪا به ضرورت ناهي.لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته اسان اڃا تائين 26هين ترميم کي ئي هضم ڪري رهيا آهيون، معيشت ۾ سڌارو ۽ استحڪام اچي چڪو آهي، شهباز شريف جي قيادت ۾ بهترين ڪم ٿي رهيو آهي.”ٻئي طرف اسحاق ڊار ۽ برطانوي وزير هميش فالڪنر جي لنڊن ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻن طرفن وارن لاڳاپن جو جامع جائزو ورتو.