صنفي تشدد ۾ واڌ جو وڏو ڪارڻ ”سوشل ميڊيا ۽ وڏيرا شاهي“ آهي: سينيٽرز

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ اجلاس دوران صنفي تشدد ۽ ٻوڏ دوران اين ڊي ايم اي جي ڪارڪردگي تي بحث ٿيو، ميمبرن چيو ته اسان جي سماج ۾ صنفي تشدد وڌي رهيو آهي، قانون ته موجود آهن پر انهن تيعملدرآمد نٿو ٿئي، سينيٽ اجلاس ۾ فوجداري قانون ترميمي بل 2024 سميت مختلف بِل منظور ڪيا ويا، چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سينيٽر شيري رحمان ملڪ ۾ صنفي بنيادن تي جاري تشدد جي واقعن ۾ خطري جي حد تائين واڌ بابت تحريڪ پيش ڪئي، هن چيو ته 480 جينڊر ڪيسن لاءِ عدالتون قائم ڪيون ويون آهن، 21 هزار کان وڌيڪ ڪيس التوا هيٺ آهن، ڇا اسان وٽ عورتن جي زندگين جي ڪا اهميت ناهي؟ 64 سيڪڙو بريت جي رعايت آهي، اهو ته کليل ڇوٽ آهي ته توهان ڪنهن کي ماريو يا جيڪو ڪيو! سينيٽر محسن عزيز چيو ته تعليم ۽ آگاهي جي کوٽ سبب اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن، اهڙن واقعن ۾ سزائن جي شرح گهٽ آهي، موبائل فونز يا سوشل ميڊيا به ان جو هڪ وڏو سبب آهي، سوشل ميڊيا بابت ڪجهه قدم کڻڻا پوندا، هن چيو ته سزائن جي شرح ۾ گهٽتائي يا ڪيسن جي رپورٽ نه ٿيڻ جو وڏو سبب به وڏيرا سسٽم آهي، سماج کي ايليٽ ڪلاس قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي، قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائي مسئلا گهٽائي سگهجن ٿا، سينيٽر علي ظفر چيو ته قانون تي عملدرآمد نه ٿيڻ جون ڪمزوريون ختم ڪرڻيون پونديون، اسان جو عدالتي نظام ڪلاڪڊ اَپ آهي، هي معاملو پارليماني ڪميٽي حوالي ڪيو وڃي، سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته عورتن کي نوڪري جي لالچ ڏئي ٻاهرين ملڪن اماڻي جسم فروشي ڪرائي ويندي آهي، ڊارڪ ويب تي نازيبا تصويرون ۽ ويڊيوز وڌيون وينديون آهن، ماڻهو عزت جي ڊپ سبب قانون ڏانهن نٿا وڃن، حساس ڪيسن ۾ رياست کي پاڻ اڳتي اچڻ گهرجي، قانون وزير وزير اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ تحريڪ تي جواب ڏيندي چيو ته جيڪي انگ اکر ڏنا ويا آهن، اهي بلاشبهه الارمنگ آهن، سينيٽر مرزا محمد آفريدي چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت تفصيل سان ڳالهه ٿيڻ گهرجي، روبينه خالد چيو ته ماضي جي ٻوڏن مان ڇا سبق سکيو ويو؟ سياحت جي نالي تي درياهن جي زمينن تي هوٽل تعمير ڪيا ويا ۽ انهن کي اين او سي ڏنا ويا، قومي ايمرجنسي ڊڪليئر ڪئي وڃي، هي اسان جي وس جي ڳالهه ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.