سنڌ پوليس جي ڀرتين ۾ ناڪام قرار ڏنل اميدوار عدالت پهتا

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبل جي ڀرتين ۾انٽرويو ۾ ناڪام قرار ڏنل اميدوار عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ڀرتي جي تڪرار بابت ڌرين کان وضاحت طلب ڪري ورتي،درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته درخواستگذارن لکت ۾ امتحان ۾ 83 نمبرن تائين حاصل ڪيا آهن ، سٺا نمبر حاصل ڪرڻ جي باوجود، درخواست ڏيندڙن کي انٽرويو ۾ ناڪام قرار ڏنو ويو، درخواست ڏيندڙن جي وڪيل چيو ته سياسي بنيادن تي لکت ۾ امتحان ۾ 44 نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، عدالت ڌرين کان 2 سيپٽمبر تائين تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو. درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

  1. ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تيز برسات جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر) موسمياتي ماهر جواد ميمڻ ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ شديد گرمي جو سبب سامونڊي هوائن جو بند ٿيڻ آهي، جنهن ڪري حبس واري موسم محسوس ٿي رهي آهي.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گرمي پد 47 ڊگري تائين پهچي ويو، اهڙي موسم ۾ برساتي هوائن جو سسٽم وڌيڪ تيز ٿي ويندو آهي، جواد ميمڻ ٻڌايو ته  برساتي هوائن جو رخ هاڻي سنڌ ۽ بلوچستان ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي، جنهن تحت 23 آگسٽ تائين ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ تيز برساتون پونديون، جواد ميمڻ وڌيڪ چيو ته 25 آگسٽ ڌاري خليج بنگال ۾ ٻيهر هوا جو گهٽ دٻاءُ ٺهي سگهي ٿو، جنهن سبب آگسٽ جي آخري ڏينهن ۾ به ڪراچي سميت سنڌ ۾ برسات جو سلسلو جاري رهي سگهي ٿو.موسمياتي ماهر ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ اربن فلڊنگ جو به خدشو ظاهر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته شهر جي هيٺ وارن علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.