ٻھارا(رپورٽ: احمد علي خاصخيلي) پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ ،ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي شھر ٻھار ۾ نيشنل ھاءِ وي مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويوجنھن ۾ ضلعي ٺٽي جو صدر ممتاز شيخ، ضلعي جنرل سيڪٽيري حبيب الله پليجو، قومي عوامي تحريڪ ٻهارا يونٽ صدر ڪامريڊ محمد امين جوڻيجو، غفور سومرو ڪامريڊ صديق پليجو، صوفي يوسف پليجو سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪن شرڪت ڪئي، اڳواڻن چيو ته سنڌو درياھ ڪروڙين ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي. ھزارين سالن جي تھذيب جي علامت آھي. 6 نوان ڪئنال سنڌ ۽ ڪروڙين ماڻھن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي. وفاق ۽ سنڌ ۾ ويٺل حڪمرانن جو عوام سان ڪو تعلق ناھي، سنڌ ۾ تعليم، صحت سميت سمورو نظام تباهه ٿيل آهي، شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بڻجي ويون آھن، روڊن ۽ ٻين ترقياتي منصوبن ۾ 60 سيڪڙو تائين ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي، اڌ سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي آھي، نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرون ٿين پيون، سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪڏھن به خاموش نه ويهنداسين.