ڊاڪٽر شنڀو لال جي خون سان انصاف نه ٿيو،احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر)ڪراچي جي لياري واري علائقي جي ھڪ پارڪ ۾ ڏينهن ڏٺي جو ھفتو اڳ قتل ڪيل نامور ڊاڪٽر شنڀولال  جي خون سان انصاف نه ٿيو قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي  وارثن ۽ ڊاڪٽرن  سخت احتجاج ڪيو آھي، مليل ڄاڻ موجب ڏيھي واسي ڊاڪٽر شنڀولال جيڪو ڪافي عرصي کان ڪراچي ۾ رھندڙ ھو کي 11 آگسٽ  جو ٻنپھرن جي ٽي وڳي ڌاري موٽرسائيڪل سوار ٽن ھٿياربندن نالي سان سڏي سڌيون گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ھو، وچ شھر جي ٿيل ان قتل جي ايف آءِ آر ۾ مقتول جي فرزند ڊاڪٽر ديپڪ لعل ڄاڻايو آهي ته سندس والد جا ڪجهه ماڻهن ڏانهن پيسا رھيل هئا نه ملڻ تي ھن انهن خلاف ڪراچي ۽ بلوچستان جي ٿاڻن تي ڪيس پڻ داخل ڪرايا  هئا، ڊاڪٽر ديپڪ شڪ ظاهر ڪيو ته انهن ئي جوابدارن سندس والد کي قتل ڪيو آهي پوليس نه واردات واري ھنڌ ۽ علائقي جا سي سي ٽي وي فوٽيج ڪڍرايا آهن نه وري جيو فينسنگ ڪري جوابدارن تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ـ ھوڏانھن  پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري  جنرل ڊاڪٽر عبدالغفور شورو ۽ ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري  ڊاڪٽر جنيد گجو واقعي جي شديد مذمت ڪندي جوابدارن جي ترت گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اھي قاتلن جي گرفتاري تائين چپ نه ويھندا ـ واضع رھي ته ڊاڪٽر شنڀولال لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر بيکارام ديوراجاڻي جو ڀيڻويو ھو ،حيدرآباد جي سياسي سماجي اڳواڻن پڻ ڊاڪٽر شنڀولال جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو چتاء ڏنو آهي ـ

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.