ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني ايڪسپو سينٽر م هندو ڪائونسل پاران لڳايل هڪ ڏينهنواري تعليم ۽ روزگار بابت لڳايل نمائش جو افتتاح ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪا به حڪومت اڪيلي سر ٻوڏ سان منهن ڏئي نٿي سگهي،گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ٻوڏ ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيان ٿو. هن چيو ته ڪا به حڪومت اهڙن سانحن سان اڪيلي سر نٿي وڙهي سگهي، سنڌ حڪومت ڪي پي جي متاثرين لاءِ امدادي سامان موڪليو آهي، ۽ ضرورت پئي ته ضرور وڌيڪ امداد موڪلي ويندي. هن چيو ته مون سون اسپيل کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن،ڪي پي ۾ ٻوڏ تي ڪنهن به ناڪاري سياست ناهي ڪئي.