سنڌ حڪومت برساتن بابت اڳواٽ تياري ناهي ڪئي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) ڪي پي ڪي ۽ گلگت ۾ برساتن سبب 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک افسوس ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، مير بشير ٽالپر ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته برساتن سبب وڏي مقدار ۾ فوتگين جي ذميوار حڪومت آهي، اين ڊي ايم اي جو ادارو آفتن جي نالي ۾ کربين روپين جا فنڊ هڙپ ڪري ٿو پر برسات متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ به زوردار برساتن جون اڳڪٿيون ڪيون ويون آهن، سنڌ حڪومت، پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي ان لاءِ ڪا به اڳواٽ تياري ناهي ڪئي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.