ڪراچي (رپورٽر) اين اي ڊي يونيورسٽي جي شاگرد ضعيم الرحمان انتظاميه طرفان جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، ضعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته مون شاگردن جي حقن ۽ اهممعاملن کي اجاگر ڪيو، پر انتظاميه شوڪاز جاري ڪري منهنجو ڪيريئر خطري ۾ وڌو آهي، انتظاميه طرفان داخلائن جي پاليسي تي سوال اٿارڻ تي شاگرد کي شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو هو، جڏهن ته هڪ وڊيو کي پاليسي خلاف ۽ يونيورسٽي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو ويو، نوٽيس ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن هڪ هفتي ۾ جواب جمع نه ڪرايو ويو ته ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻئي پاسي اين اي ڊي يونيورسٽي وائس چانسلر محمد طفيل جو چوڻ آهي ته شاگرد کي سوشل ميڊيا تي يونيورسٽي جي ساک متاثر ڪرڻ تي شوڪاز ڏنو وي، يونيورسٽي ۾ هر قسم جون ويڊيوز ٺاهي سگهجن ٿيون، پر اداري جي ساک کي نقصان نه پهچايو وڃي، اين اي ڊي ۾ سڀ شاگرد تنظيمن تي پابندي آهي، محمد طفيل وڌيڪ چيو ته منهنجو آفيس کليل آهي، شاگرد مون وٽ اچي مسئلا شيئر ڪري سگهن ٿا، پر هن شاگرد مون سان ڳالهائڻ بدران سوشل ميڊيا جو سهارو ورتو.
-
ڪراچي فشريز ۾ پرڏيهي ڪمپني جا ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڦر
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي فشريز واري علائقي ۾ ڏوهاري پرڏيهي ڪمپني جي ملازمن کان ڏيڍ ڪروڙ رپيا کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، پوليس موجب ڪورين ڪمپني فشريز ۾ پنهنجي فيڪٽري بند ڪري رهي آهي ۽ ملازمن کي بونس ۽ ٻيون بقايائون ڏيڻ لاءِ رقم ڪڍرائي رهي هئي، ڪيشيئر فشريز ۾ ئي هڪ نجي بينڪ مان هڪ ڪروڙ 44 لک رپيا ڪڍرايا، جڏهن ته ٻي بيگ ۾ اڳ ئي 7 لک 60 هزار رپيا موجود هئا. پوليس موجب جيئن ئي گاڏي بينڪ کان ڪجهه قدم جي فاصلي تي ڪمپني ٻاهران پهتي ته 3 موٽر سائيڪل سوار 5 هٿياربند پهتا، هٿياربندن سيڪيورٽي گارڊ کان هٿيار کسي ورتو ۽ پئسن جا ٻئي بيگ ڦري فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته واردات جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ سي سي ٽي وي فٽيجز پڻ حاصل ڪئي پئي وڃي. شڪ آهي ته ان واردات ۾ فيڪٽري جو ڪو ملازم به ملوث ٿي سگهي ٿو، پر حتمي طور تي جاچ کانپوءِ ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو.
-
حميرا اصغر جي مبينا قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم
ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سائوٿ ماڊل ۽ اداڪارا حميرا اصغر جي مبينا قتل ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست قبول ڪري ورتي آهي، حميرا اصغر جي مبينا قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، حميرا اصغر جي مبينا قتل ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سائوٿ پاران ڪئي وئي. درخواست ۾ ايس ايس پي سائوٿ ۽ ايس ايڇ او گذري کي ڌر بڻايو ويو آهي.ٻڌڻي دوران عدالت حميرا اصغر جي مبينا قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي آهي، ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته حميرا اصغر جي خاندان يا رياست جي ڪنهن شخص جو بيان رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ ڪيس داخل ڪيو وڃي، ياد رهي ته حميرا اصغر جو لاش 8 جولاءِ تي ڪراچي جي اتحاد ڪمرشل واري فليٽ مان مليو هو.