ڪراچي (رپورٽر )سنڌ حڪومت صوبي جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي، اغوائن کي روڪڻ ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ جو هڪ دفعو ٻيهر فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ڪالهه وڏي وزير جي سرڪاري رهائش گاهه تي هڪ اعلي سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته حڪومت جو مقصد ڪچي علائقي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال کي مثالي بڻائڻ آهي ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته هو هر وقت ھوشيار رهن، هن واضح ڪيو ته ڪنهن به صورت ۾ تاوان لاءِ اغوا برداشت نه ڪيو ويندو ۽ هدايت ڏني ته ’هني ٽريپ‘ وارن ڏوهن تي قابو پائڻ لاءِ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، اجلاس ۾ صوبائي گھرو وزير ضيا الحسن لنجار، چيـف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو شرڪت ڪئي،وڏي وزير سنڌ چيو ته هو سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪچي علائقي ۾ قانون ۽ امن جي صورتحال کي بهترين ڏسڻ چاهي ٿو،مان چاهيان ٿو ته ڌاڙيلن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ڪو به ڀُنگ لاءِ اغوا جو ڪيس رونما نه ٿئي،صوبائي گھرو وزير ضيا لنجار ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گھوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ وڏي پيماني تي آپريشن ڪيا ويا آهن جن ۾ ڌاڙيلن ۽ سندن سهولتڪارن جا لڳ ڀڳ 500 ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا، جنوري 2024 کان 2025 تائين 115 ڌاڙيل ماريا ويا، 208 زخمي ٿيا ۽ 582 گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته اٺ انتهائي گهربل ڏوهي به ختم ڪيا ويا،وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2025 ۾ اغوا جا 91 ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان 88 مغوي محفوظ طريقي سان بازياب ڪرايا ويا، ساڳئي ريت ’هني ٽريپ‘ تحت اغوا ٿيندڙ 287 ماڻهون ڪاميابي سان آزاد ڪيا ويا،صوبائي گھرو وزير وڌيڪ ٻڌايو ته ماضي ۾ هاءِ ويز تي ڦرن جا واقعا عام هئا پر هاڻي هن لعنت جو خاتمو آندو ويو آهي۔ وڏي وزير چيو ته صوبي جي سڀني شاهراهن کي محفوظ ۽ وڌيڪ محفوظ بڻائڻو پوندو۔ مراد علي شاهه گھرو وزير کي هدايت ڏني ته ڌاڙيلن کي هٿيار فراهم ڪندڙ سپلاءِ لائين مڪمل طور تي منقطع ڪئي وڃي، هن سوال اٿاريو ته هي حساس هٿيار ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن تائين ڪيئن پهچن ٿا ان جي جاچ لازمي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي پوليس کي هدايت ڏني ته ڏوھاري گروهن جو مڪمل طور تي خاتمو يقيني بڻايو وڃي ۔