فاطمه ڀٽو جي آمد کانپوءِ پارٽي جو اعلان ڪنداسين:جونيئر ذوالفقار

سڪرنڊ( رپورٽ راج ڪماراوڏ )جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آهي ته اسان جي پارٽي عوامي پارٽي آهي اسان عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون  اسان جو مقابلو ظالمن سان آهي اهي ظالم زرداري ۽ ضياء جي شڪل ۾ ايندا رهندا هن ملڪ جي خاطر شهيد دوالفقار ڀٽو شاهنواز ڀٽو مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ٻين جانين جون قربانيون ڏنيون ۽ اسان به جانين جون قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون،سڪرنڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  مون کي خبر آهي هي رستو ڏکيو آهي پارٽي جي نالي جو اعلان فاطمه ڀٽو جي اچڻ بعد  ڪيو ويندو هن کانسواءءِ هڪ انچ به اڳتي نٿو هلي سگهان ملڪي حالتون انتهائي خراب آهن موجوده حڪمرانن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو هن ملڪ اندر امير ڏينهون ڏينهن امير ٿي رهيو آهي غريب طبقو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي ان موقعي عنايت عمراڻي، نياز پليپوٽو، فياض شاه ،بابو ڪوري، لائق لاکو ۽ ٻيا گڏ هئا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.