حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي قومپرستن، سياسي اڳواڻن ۽ دانشورن چيو آهي ته ملڪ ۾ نون صوبن جو شوشو ڇڏي ڪي سياسي ۽ غير سياسي ڌريون پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ گهرن ٿيون، پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي، تاريخي وطنن گڏجي هي ملڪ ٺاهيو، ان ڪري قومي وحدتن جي جاگرافي ۽ تاريخي تشخص خلاف ٿيندڙ ڪا به ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي، سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ڪنهن خاص ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن، قومي وحدتن جي مخالف قوتن جي اها پراڻي خواهش رهي آهي ته قومن کي ڪمزور رکجي ۽ کين پنهنجن وسيلن ۽ زمين تي ڪڏهن به مالڪيت وارو حق نه ڏجي. ان سلسلي ۾ ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام بابت هلندڙ ڳالهين جي حوالي سان عوامي آواز سان ڳالهه ٻول ڪندي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو ته نون صوبن جي ڳالهه ڪندڙ احمقن جي دنيا ۾ رهن ٿا، سنڌ تاريخي وطن آهي، سنڌ سميت ٻين تاريخي وطنن پاڪستان کي وجود ۾ آندو، ڪجهه ڌريون نون صوبن جو شوشو ڇڏي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ گهرن ٿيون. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم مختلف وقتن تي پنهنجي ڪريل سياسي ساک کي بحال ڪرڻ جي لاءِ نون صوبن واري مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون آهن، سنڌ ۾ رهندڙ 80 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهن ٿا، جن سنڌ کي پنهنجو وطن تسليم نه ڪيو آهي، اهي يا ته ذهني مريض آهن يا وري پنهنجي لساني سياست جو چوگو پائي سنڌ ۾ حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿا، نون صوبن جون ڳالهيون 40 سال پراڻو قصو آهي، جيڪي اهي ڳالهيون ڪندا هئا اهي پڻ انهن ڳالهين جي نفي ڪندي پڇتائي چڪا آهن. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف طور طريقا استعمال ڪندي رهندي آهي، پنهنجن چونڊيلن جي اقتدار کي ڊيگهه ڏيارڻ جي لاءِ روز نيون ڳالهيون پکيڙيندي رهي آهي، پر تنهن هوندي به تاريخي حقيقتن جي بنياد تي اها ڳالهه طئه ٿيل آهي ته قومن جا تاريخي وطن ڪنهن به صورت ۾ ورهائجي نٿا سگهجن، ملڪ کي وجود ۾ آڻيندڙ قومون پنهنجي جاگرافي ۽ قومي تشخص خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪنديون، سنڌ جي اندر سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ گڏجي نون صوبن واري سازش کي رد ڪندا. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته جيڪي ڌار صوبي جون سازشون ۽ دانهون ڪري رهيا آهن اهي ملڪ جا سڄڻ نٿا ٿي سگهن. سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، سنڌ ۾ رهندڙ ان جي انچ انچ جي حفاظت ڪندا. چيو ته سنڌ ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندڙن تي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته عالمي سامراجي اسٽيبلشمينٽ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي ۽ ڪراچي کي نئون اسرائيل بڻائي هن خطي کي جنگ جي باھه ۾ اڇلائڻ چاهي ٿي. نئين صوبي جي ڳالھ ڪندڙ ان عالمي سامراجي منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نفرت جي سياست کي رد ڪريون ٿا، سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالھ ڪندڙ ملڪ جا غدار آهن، اهي را ۽ عالمي سامراجي طاقتن جي هدايتن تي پاڪستان کي ڪمزرو ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ سنڌين جو هزارين سالن کان تاريخي وطن رهي آهي، سنڌ جي وحدانيت خلاف ڳالهائيندڙ پنهنجي زبانن کي لغام ڏين، لساني ذهنيت رکندڙ ياد رکن ته مهاجرن جو ڪو وطن ناهي هوندو، مهاجرن جي جاءِ ڪيمپن ۾ هوندي آهي، جيڪڏهن ڪو پاڻ کي مهاجر سمجهي ٿو ته ان کي ڪيمپن ۾ رهايو وڃي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي وحدانيت خلاف هڪ لفظ به سنڌي قوم ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ اها ڳالهه سمجهي چڪا آهن ته لساني سياست ڪري حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڌرين جا پنهنجا مفاد آهن. هن چيو ته ڪراچي سنڌ جو تاريخي تخت گاھه آهي، سنڌ جي وحدانيت خلاف ڳالهيون ڪرڻ بند ڪيون وڃن، جيڪي اڃا تائين سنڌي ناهن ٿي سگهيا انهن کي سنڌ ۾ رهڻ ۽ سياست جو ڪو به حق ناهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ گورنر ٽسوري طرفان هلندڙ نون صوبن جي مهم ملڪ خلاف سازش آهي، عالمي سامراجي قوتون ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري هڪ نئون اسرائيل ٺاهڻ چاهين ٿيون، پر سنڌي قوم ڪراچيءَ تي قبضو برداشت نه ڪندي، سنڌي قوم پنهنجي وطن جي وحدت ۽ وجود جي بقاءَ لاءِ ساهه جي آخري گهڙين تائين جدوجهد ڪندي. هن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ نون صوبن جي مهم هلائي پئي وڃي، هن ملڪ دشمن مھم ۾ آمريڪي سامراجي مفاد شامل آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي ڊراميبازي ڪرڻ بدران نون يونٽن جي مهم هلائيندڙ لساني سياست ڪري حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪري. هن چيو ته پنجاب پنهنجي صوبي ۾ نوان صوبا ٺاهي ٿو ته ڀلي ٺاهي، پر سنڌ ۾ ڪو به صوبو ٺهڻ نه ڏبو، 1940ع جي قرارداد تحت سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار قومي وطن آهي، سنڌ کي ڪنهن به فتح ناهي ڪيو، سنڌ هڪ خودمختيار صوبي جي حيثيت سان پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿيو، هن چيو ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪنهن کي به اجازت ناهي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته قومي وحدتن خلاف سازش جنرل ايوب جي دور کان شروع ٿي جيڪا اڄ ڏينهن تائين ٿيندي پئي اچي، قومي وحدتن جي مخالف قوتن جي اها پراڻي خواهش رهي آهي ته وڌيڪ صوبا ٺاهجن، پر سنڌ ڪو صوبو ناهي، سنڌ هڪ تاريخي وطن آهي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري ۽ زمين تي قبضا ڪيا ويا آهن، ايس آءِ ايف سي جي صورت ۾ قبضاگيري جو نئون منصوبو جوڙيو ويو آهي، سنڌ جي قومي تشخص کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ مسلسل ڌارين جي آبادڪاري جي يلغار ٿي رهي آهي، 78 سالن کان سنڌ کي ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي. 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي هيرو ۽ نامياري قانوندان يوسف لغاري چيو ته نون صوبن جو شوشو ڇڏيندڙ ياد رکن ته ملڪ ۾ نوان صوبا ڪنهن به صورت ۾ نٿا ٺهي سگهن، اهو ممڪن ئي ناهي ته قومي وحدتون پنهنجي جاگرافيائي قومي تشخص خلاف ٿيندڙ سازش برداشت ڪنديون، سنڌ جا ماڻهو ته اها ڳالهه برداشت ڪري ئي نٿا سگهن، سنڌ پنهنجي جاگرافي ۽ قومي وجود جي بقاءَ جي لاءِ سخت مزاحمت ڪندي، هن چيو ته هن ملڪ ۾ اڳ ئي اڻبرابري آهي، صوبن کي پنهنجا حق نٿا ملن، 18 هين ترميم تي عملدرآمد نٿو ٿئي، پارليامينٽ سميت ٻين اهم ادارن ۾ اڻبرابري آهي. نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ شامل صوبا کي انتظامي يونٽ نه پر قومي وحدتون آهن، خاص طور تي سنڌ جي پنهنجي هڪ تاريخي حيثيت آهي، قومن گڏجي پاڪستان ٺاهيو هو، پاڪستان جي رياست هڪ تاريخي پسمنظر تحت جڙي آهي، جنهن جون اصل مالڪ تاريخي حيثيت رکندڙ قومي وحدتون آهن، انهن پنهنجي تاريخي حيثيت تحت ئي هي ملڪ ٺاهيو هو، ائين ناهي ته ڪو پاڪستان سنڌ، پنجاب، پختونخواهه ۽ بلوچستان کي ٺاهيو هو ۽ جڏهن دل چوي انهن جا چار يا پنج ٽڪرا ڪري ڇڏين. اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ شامل صوبن کي ڪمزور ڪري انهن کي مالڪيت واري حق کان محروم رکيو ويو آهي،هن چيو ته مختلف وقتن تي نون صوبن جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، پر ان سان پاڪستان ۾ ڏڦيڙ وڌندو، پاڪستان کي هن وقت گڏجي هلائڻ جي ضرورت آهي، ملڪ مشڪل وقتن مان گذريو آهي ۽ اڃا به گذري پيو، نون صوبن جو شوشو ڇڏيندڙ ملڪ جا سڄڻ ناهن. هن چيو ته اختيارن کي هڪ حد تائين هيٺين سطح تائين منتقل ٿيڻ گهرجي، پر اهو صوبن جو سبجيڪٽ آهي ته صوبا ڪيتري حد تائين اختيار هيٺين سطح تائين وڃڻ ڏين ٿا، منهنجي خيال ۾ امن امان سميت حساس معاملا صوبن وٽ هجڻ گهرجن، روز مره جي زندگي وارن معاملن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ميونسپل ادارن کي مضبوط ڀلي ڪيو وڃي، پاڻي جي سپلائي، نيڪال ۽ روڊ نيٽ ورڪ جهڙا انتظام هيٺين سطح تائين وڃڻ ۾ ڪو به حرج ناهي. نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته سنڌ پاڪستان ۾ ان ڪري شامل نه ٿي هئي ته سنڌ جا ٽڪرا ڪيا وڃن، سنڌ 5 هزار سالن جي شاندار تاريخ رکندڙ وطن رهيو آهي، ان ڪري سنڌ ڪنهن به صورت ۾ اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي ۽ ٻين بهانن جي آڙ ۾ پنهنجي قومي تشخص خلاف ٿيندڙ سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ به قومي وحدتن خلاف سازش ڪندي ون يونٽ ٺاهڻ جي لاءِ اهو بهانو ڪيو ويو ته خرچ گهٽبا، ماڻهن جو پاڻ ۾ پيار ۽ محبت وارو رشتو قائم ٿيندو، هاڻ وري ساڳي بدنيتي واري سوچ جي بنياد تي نوان صوبا ٺاهڻ جو شوشو ڇڏيو ويو آهي، قومي وحدتن جي تشخص سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جو اختيار ڪنهن کي به ناهي. هن چيو ته اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي جي ڳالهه ته ڪئي وڃي ٿي پر پهريان اهو ٻڌايو وڃي ته 18 هين آئيني ترميم تحت صوبن کي ڪيترا اختيار ڏنا ويا آهن؟، ڊرامي بازيون بند ڪيون وڃن، سڀ کان اڳ 18 هين ترميم تي مڪمل عملدرآمد ڪري صوبن کي اختيار ڏنا وڃن.
-
قومپرستن جي مخالفت هوندي فيلد مارشل هجي يا ن ليگ، ڪير به صوبا نه ٺاهي سگهندو
اسلام آباد (فخر دراني) اطلاعات واري وزير عطا تارڙ کان جڏهن صوبن جي حوالي سان سوال ڪيو ته ان چيو ته چيڪ ڪري ٻڌايان ٿو. بعد ۾ هن ڪو جواب نه ڏنو. جيڪڏهن اها خبر غلط هجي ها ته فوري ترديد ڪري ها. ائين لڳي ٿو ته صوبن جي حوالي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. لساني بنيادن تي نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته تڪرار پيدا ٿيندو آهي، هزارا صوبي جي ڳالهه تي قومپرست پشتون پارٽيون مخالفت ڪنديون آهن. پنجاب ۾ سرائيڪي صوبي جي ڳالهه ڪجي ته مخالفت ڪئي ويندي آهي. ڪراچي کي ڌار صوبي جي ڳالهه ڪجي ته سنڌ جون قومپرست پارٽيون مخالفت ڪنديون آهن. نه رڳو قومپرست پر سياسي پارٽيون به مخالفت ڪنديون آهن. پي ٽي آءِ ڏکڻ پنجاب صوبي جي ڳالهه ڪئي هئي پر ائين نه ٿي سگهيو. لساني بنيادن تي صوبا ٺاهڻ ڏکيو آهي ان لاءِ اثرائتي مهم هلائڻي پوندي. لساني بنيادن تي صوبا ٺاهڻ جمهوري يا ڊڪٽيڪٽر جي لاءِ به ممڪن نه هوندو. ڪالاباغ ته پري جي ڳالهه پر سنڌ ۾ ڪئنالن جي معاملي تي سخت مخالفت ڪئي وئي هئي، ان منصوبي کي ختم ڪرڻو پيو. اهڙا منصوبا غير تڪراري بڻائڻ گهرجن، لساني، مذهبي يا قوميت جي بنياد تي نه هجڻ گهرجن. گورننس جي بهتري جو جواز ڄاڻائي اثرائتي مهم هلائي مخالفت کي گهٽائڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. فيلڊ مارشل عاصم منير هجي يا ن ليگ جي حڪومت هجي، صوبا ٺاهڻ ۾ ڪنهن جي ڪاميابي نظر نٿي اچي.
-
پاڪستان کي نائجيريا ۽ ايٿوپيا وانگر تجربي گاهه نه بڻايو وڃي:ڪميونسٽ پارٽي
لاهور (پ ر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان چيو آهي ته ايٿوپيا، نائجيريا ۽ ڀارت کي رول ماڊل قرار ڏئي پاڪستان کي تجربي گاهه نه بڻايو وڃي، پاڪستاني وفاق هن وقت پنجاب، سنڌ، سرائڪي وسيب، خيبر پختونخوا، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جهڙين لاڳاپيل رياستن تي ٻڌل آهي. اهي قومي وحدتون آهن، رڳو انتظامي يونٽ نه آهن، اهي وفاقي حصا اڳ ۾ ئي ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي ورهايل آهن، موجوده غير نمائنده ايوانن ۽ ڪٺ پتلي حڪمرانن وٽ نه اهو اختيار آهي، نه ئي مينڊيٽ، جو اهي وفاقي حصا ختم ڪري انتظامي يونٽن جي نالي تي ورهائن ۽ بدنام زمانه ”ون يونٽ“ وري مڙهڻ جي ڪوشش ڪن. وفاقي حصن جي حق تلفين جو ازالو ڪرڻ، انهن کي مڪمل اختيار، حڪمراني ۽ مالي خودمختياري ڏيڻ ۽ سندن سماجي ۽ معاشي مسئلا حل ڪرڻ بدران، انهن جي وجود ۽ حقن سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي. جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته صرف پنهنجي انتظامي گرفت مضبوط ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪرڻ سان وفاق ۽ رياستن ۾ اڳ ۾ موجود محرومي ۽ استحصال جو احساس وڌيڪ وڌندو ۽ شديد ردعمل پيدا ٿيندو، حڪمران آمريڪا سان ٿيل معاهدن، خاص ڪري قدرتي وسيلن ۽ معدنيات بابت ڌيان هٽائڻ لاءِ به اهڙا طريقا استعمال ڪري رهيا آهن، وفاق ۾ شامل سڀ قومي وحدتون ۽ رياستون تاريخي ۽ زميني حقيقتون آهن. انهن کي آئيني ضمانتن سان تحفظ ڏئي ملڪ کي درست طرف وٺي وڃڻ بدران حڪمران وفاق کي ورهائي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ ۽ عوام کي ورهائي هڪ ٻئي خلاف استعمال ڪرڻ چاهن ٿا ته جيئن ممڪن مزاحمت ۽ جدوجهد ڪمزور ٿي وڃي، ڇا اڳ ئي ڊويزن ۽ ضلعن جي صورت ۾ انتظامي يونٽ موجود ناهن؟ ڇا اهڙا تجربا ڪرڻ سان عوام جا بنيادي حق ۽ حڪمراني بحال ٿي ويندي؟ ڇا اهڙن حربن سان عوام جا سماجي ۽ معاشي مسئلا حل ٿي ويندا؟، پاڪستاني وفاق ۾ شامل سڀ قومي وحدتون ۽ رياستن جا اڪثريتي عوام اهڙن عوام دشمن منصوبن کي سختي سان رد ڪن ٿا، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان واضح ڪندي آهي ته اها قومي وحدتن جي بنيادي قومي حقن ۽ حڪمراني لاءِ جدوجهد ڪندڙ سڀني قوتن سان گڏ رهندي ۽ عوام جي معاشي ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ باشعور عوام سان گڏجي مستقل جدوجهد جاري رکندي.
-
وفاق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ملڪ کي 12 صوبن ۾ ورهائڻ جو فيصلو
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏي انتظامي ڍانچي جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، وفاقي حڪومت ملڪ کي 12 صوبن ۾ ورهائڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي. اهڙو قدم نسلي ۽ لساني بنيادن تي صوبائي سياست کي ڪمزور ڪرڻ ۽ وفاق کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ کنيو پيو وڃي. هاڻوڪو صوبائي ڍانچو 1970 ۾ قائم ٿيو هو ۽ هلندو آيو. ماهرن موجب، انتظامي بنيادن تي صوبن جي ورڇ سان ترقياتي فنڊن جي منصفاڻي ورڇ، تيز گورننس ۽ مرڪز سان هم آهنگي ممڪن ٿيندي. ڀارت، نائجيريا، ايٿوپيا جهڙن ملڪن ۾ ان حڪمت عملي ڪاميابي ماڻي آهي. ذريعن موجب، هاڻوڪي صوبائي سيٽ اپ، پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا کي ختم ڪري هر هڪ کي ننڍن صوبن ۾ ورهايو ويندو جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي به وڌيڪ اختيار ڏنا ويندا. تجويز ڪيل 12 صوبن، هيڊڪوارٽرن ۽ اهم علائقن ۾ پنجاب جا 4 صوبا هوندا جن ۾ سينٽرل پنجاب جو هيڊڪوارٽر لاهور هوندو ۽ لاهور، قصور، شيخوپورا، ننڪانا صاحب ۽ اوڪاڙا ضلعا هوندا. اتر پنجاب جو هيڊڪوارٽر راولپنڊي هوندو جنهن ۾ راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، چڪوال، ميانوالي ۽ خوشاب ضلعا هوندا. ڏکڻ پنجاب جو هيڊڪوارٽر ملتان هوندو جنهن ۾ ملتان، خانيوال، وهاڙي، لوڌران، بهاولپور، رحيم يار خان ضلعا هوندا. اولهه پنجاب جو هيڊڪوارٽر فيصل آباد هوندو جنهن ۾ فيصل آباد، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، جهنگ، سرگوڌا، ڀڪر ضلعا هوندا. بلوچستان جا 4 صوبا ٺاهيا ويندا. پهرئين صوبي بلوچستان ساحلي جو هيڊڪوارٽر گوادر ۽ گوادر، ڪيڇ، پسني، اورماڙا، لسبيلا ضلعا هوندا. سينٽرل بلوچستان جو هيڊڪوارٽر خضدار ۽ ضلعا خضدار، قلات، مستونگ، آواران ۽ سوراب هوندا. اتر بلوچستان جو هيڊڪوارٽر ڪوئيٽا، ضلعا ڪوئيٽا زيارت، پشين، قلعه عبدالله ۽ چمن هوندا. بلوچستان اوڀر جو هيڊڪوارٽر ڊيرا مراد جمالي، ضلعا نصيرآباد، جهل مگسي، ڪڇي، سبي، ڊيرا بگٽي هوندا. خيبرپختونخوا جا 2 صوبا ڪيا ويندا. اتر خيبر جو هيڊڪوارٽر پشاور هوندو، پشاور، مردان، صوابي، نوشهرا، چارسده ۽ بونير ضلعا هوندا. ڏکڻ خيبر جو هيڊڪوارٽر ڊيرا اسماعيل خان هوندو، ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ، ڪوهاٽ، هنگو، ڪرڪ ۽ بنون ضلعا هوندا. سنڌ جا 2 صوبا ڪيا ويندا. شهري سنڌ جو هيڊڪوارٽر ڪراچي، ضلعن ۾ ڪراچي جا سمورا ضلعا ۽ حيدرآباد هوندا. ٻهراڙي سنڌ جو هيڊڪوارٽر سکر جنهن ۾ سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، شڪارپور، نوابشاهه، دادو، ميرپورخاص ضلعا هوندا. امڪاني طور تي ٽن مهينن ۾ آئيني مسودو ۽ صوبائي حدن جو تعين ڪيو ويندو. 6 مهينن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان اڪثريت سان منظوري ورتي ويندي. وري 4 مهينن ۾ عبوري گورنر، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي جي مقرري ڪئي ويندي. 6 کان 8 مهينن ۾ نيون تڪبنديون ۽ چونڊون ڪرايون وينديون. ٻن کان ٽن سالن ۾ مستقل صوبائي راڄڌاني ۽ سيڪريٽريٽ تيار ڪئي ويندي. رد عمل طور شهري علائقن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي سگهي ٿي جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ احتياط کان ڪم ورتو ويندو. وفاقي پارٽيون ان ڏس ۾ ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪنديون جڏهن ته قومپرست پارٽيون امڪاني طور احتجاج ڪنديون. عالمي ميڊيا ان کي سڀ کان وڏو انتظامي سڌارو قرار ڏيندي.
-
نون انتظامي يونٽن تي وفاق جي حمايت ڪنداسين: آفاق احمد
ڪراچي (م ڊ) مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد جو چوڻ آهي ته نوان انتظامي يونٽ ٺاهيا ويا ته وفاق جي حمايت ڪنداسين. سوشل ميڊيا بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ عليحدگي پسندن جي وڌندڙ سرگرمين تي ڳڻتي آهي. پيپلزپارٽي سنڌي عليحدگي پسندن جي سرپرستي بند ڪري، عليحدگي پسند سرعام ملڪ خلاف نعرا هڻي رهيا آهن ۽ کين حڪومت گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي.
-
پاڪستان ۾ نوان صوبا ٺاهڻ عملي طور ناممڪن؟
لاهور (مزمل سهروردي) 1973ع جي آئين موجب، پاڪستان ۾ نوان صوبا ٺاهڻ عملي طور تي ناممڪن آهي. جنهن صوبي جون حدون تبديل ڪرڻيون آهن، اتان جي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سميت سينيٽ، قومي اسيمبلي جي به اڪثريت هجڻ گهرجي. ان کان اڳ ون يونٽ ٺاهيو ويو جيڪو ايوب خان جو مارشل لا جو دور هو. اوهان آئين کي اورانگهي نوان صوبا ٺاهي سگهو ٿا پر پارليامينٽ مان اهو ممڪن ناهي. ملڪ جا وڌيڪ صوبا ٺاهڻ هونئن ته پراڻي ڳالهه آهي پر ان تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ٿنڪ ٽينڪ پيپر تيار ڪيو آهي. اسٽيبلشمينٽ صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ته ڪري ٿي پر صوبا ٺاهڻ جو رستو وٽن ناهي. اهڙي ريت 18هين ترميم کي ختم ڪرڻ جو رستو به اسٽيبلشمينٽ وٽ ناهي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اڪثريت هجڻ باوجود صوبا نه ٺهي سگهندا. اوهان کي نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ 73 جو آئين تبديل ڪرڻو پئجي ويندو يا ڪو مارشل لا جهڙو اپاءُ وٺڻو پوندو. آئين ۾ صوبن جون حدون تبديل ڪرڻ جو معاملو پيچيده آهي، صوبا ٺاهڻ وفاقي حڪومت جو اختيار ناهي. صوبا ٺاهڻ ملڪ لاءِ وڏو سڌارو هوندا پر اهو ممڪن ناهي.
-
سنڌ ۾ مڪاني حڪومتون بي وس، وائٽ پيپر ۾ انڪشاف
ڪراچي (ع آ ن) ليگل رائٽس فورم ۽ آواز سي ڊي ايس پاران جاري ڪيل وائٽ پيپر ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ چونڊيل مڪاني حڪومتون مڪمل طور بي وس بڻيل آهن ۽ عملي طور سمورا اختيار صوبائي بيوروڪريسي ۽ ڊپٽي ڪمشنرن وٽ آهن. مقامي هوٽل ۾ تقريب ۾ وائٽ پيپر پيش ڪندي آواز سي ڊي ايس جي چيئرمين ضياءُالرحمان چيو ته پيپلزپارٽي چونڊن کان اڳ مڪاني ادارن کي بااختيار ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر اڃا تائين ڪو قدم نه کنيو ويو. رپورٽ موجب 2017 کان صوبائي فنانس ڪميشن ايوراڊ جاري نه ٿيو، نتيجي ۾ فنڊز غيرشفاف نموني خرچ ٿين ٿا ۽ 75 سيڪڙو ترقياتي فنڊن سڌو سنئون صوبائي کاتا استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته مڪاني نمائندا رڳو تماشائي بڻيل آهن. اصل طاقت صوبائي حڪومت ۽ بيوروڪريسي وٽ آهي جنهن تي پيپلزپارٽي جو ڪنٽرول آهي. وائٽ پيپر ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته فنڊ فوري جاري ڪري ادارن کي اصل اختيار ڏنا وڃن، نه ته عوام جو اعتماد جمہوري عمل تان ختم ٿي ويندو.
-
25ڪروڙ ماڻهن لاءِ صرف 4 وڏا صوبا :انتظام سنڀالڻ چئلينج
دبئي(ڪامران خان)پاڪستان ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان نون صوبن جو مطالبو زور پڪڙي رهيو آهي. نوان صوبا ٺاهي انتظامي خودمختياري ورهائڻ جي ضرورت پوري رياست محسوس ڪري رهي آهي.گذريل سال 28 سيپٽمبر تي هڪ اهم ملاقات ٿي هئي، جڏهن آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد آصف منير پاڪستان جي بزنس ڪميونٽي جي وڏين شخصيتن سان ملي نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت پنهنجي سوچ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته نوان صوبا يا انتظامي يونٽس ٺهڻ گهرجن ۽ ان تي قومي ريفرنڊم ٿيڻ گهرجي.ڇا 25 ڪروڙ ماڻهن جو بار صرف 4 صوبا کڻي سگهن ٿا؟ مثال طور پنجاب جي ساڍا ٻارهن ڪروڙ آبادي آهي، جيڪا دنيا جي 180 ملڪن کان وڏي آهي. بلوچستان رقبو ۾ 130 ملڪن کان وڏو آهي. اهڙي غير متوازن ورهاست سان گورننس جا مسئلا وڌي رهيا آهن.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته دنيا ۾ رڳو 10 ملڪ آهن جن جي آبادي پنجاب کان وڌيڪ آهي. جيڪڏهن پنجاب کي ملڪ مڃيو وڃي ته اهو دنيا جو يارهون وڏو ملڪ بڻجي وڃي.دنيا ۾ ڪيترن ملڪن نوان انتظامي يونٽ ٺاهيا:آمريڪا 13 رياستن سان شروع ٿيو، اڄ 50 رياستون آهن.ڀارت 9 صوبن سان شروع ٿيو، اڄ 28 رياستون ۽ 9 يونين ٽيريٽريون آهن.ڀارتي پنجاب کي 1966ع ۾ ٽن صوبن ۾ ورهايو ويو (پنجاب، هريانا، هِماچل پرديش) ۽ چندي ڳڙهه کي وفاقي يونٽ بڻايو ويو.پاڪستان ۾ البت 1971ع کان پوءِ رڳو 4 صوبن تي مشتمل ڍانچو آهي. 1973ع جي آئين جو آرٽيڪل ون به انهن کي ئي فيڊريشن جو حصو تسليم ڪري ٿو.آئين جو آرٽيڪل 239 صوبن جي حدبندي يا نون صوبن جي ٺهڻ جي اجازت ڏئي ٿو، شرط اهو آهي ته لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي ۽ قومي پارليامينٽ ٻنهي مان ٻه-ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظوري ملي.اڄ ن ليگ ۽ پ پ جي اتحاد وٽ وفاق ۽ صوبن ۾ اها طاقت موجود آهي. تازو ئي قومي اسيمبلي ۾ نون صوبن لاءِ حدبندي جو بل پيش ٿيو آهي.ن ليگ، پ پ ۽ پي ٽي آءِ سميت سڀئي وڏيون سياسي پارٽيون ماضي ۾ نون صوبن جي حمايت ڪندي رهيون آهن. منشورن ۾ به خاص ڪري پنجاب جي ورهاست جو واعدو شامل رهيو آهي فيلڊ مارشل آصف منير چيو ته ڀارت ۾ صوبن جي ورهاست ٿي پر پاڪستان ۾ ناهي ٿي. هن تجويز ڏني ته:پنجاب کي 6 حصن ۾ ورهايو وڃي.سنڌ کي نارن، سدرن، ويسٽرن يونٽن ۾ ورهايو وڃي.اهڙي نموني ڪي پي ۽ بلوچستان به ورهايا وڃن
-
نون صوبن جي ڪابه رٿا قبول نه ڪئي ويندي:نواز زئور
حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين ۽ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي ڪنوينر نواز خان زئور چيو آهي ته سنڌ جي خلافگهڻ طرفيون سازشون ٿي رهيون آهن. هڪ پاسي زمينن جي والار ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي ڊيمن ۽ ڪئنالن وارين رٿائن وسيلي سنڌوءَ ۽ ان جي معاون درياھن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. هتي روز نت نيون سازشون ٿي رهيون آهن، جن جي ذريعي سنڌ سميت محڪوم قومن لاءِ خطرا پيدا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته نيون امڪاني آئيني ترميمون صوبن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ آنديون پيون وڃن. انهن ترميمن سان صوبن ۽ قومن جي پيداواري وسيلن، معدنيات ۽ جياپي جي ذريعن تي قبضو ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. مضبوط مرڪز جي نالي تي قومن جو استحصال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان پنهنجي قومي تشخص ۽ تاريخي وطني وحدت تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻنداسين. نون صوبن جي ڪابه رٿا قبول نه ڪئي ويندي.
-
32 انتظامي يونٽ ٺهڻ سان عوامي مسئلن جو حل ممڪن؟
دبئي(عوامي آواز نيوز)ميان عامر محمود پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته پنجاب جي آبادي ملڪ جي 53٪ آهي، جيڪا ٻين ٽن صوبنجي گڏيل آبادي کان وڌيڪ آهي.اهڙي غير متوازن ڍانچي سبب وفاق تي اعتماد گهٽجي رهيو آهي.ڪراچي، جيڪو ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ريونيو ڏئي ٿو، پر دنيا جي بدترين رهائشي شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو.پنجاب کي 10 صوبن ۾،سنڌ ۽ ڪي پي کي 7-7 صوبن ۾،بلوچستان کي 8 صوبن ۾ ورهايو وڃي.ان طريقي سان پاڪستان ۾ ڪل 32 نوان صوبا يا انتظامي يونٽس ٺهي سگهن ٿا.نون صوبن جي ٺهڻ سان گورننس بهتر ٿيندي،فنڊز منصفاڻي ورهائبا،عوام جي مسئلن جو حل مقامي سطح تي ممڪن ٿيندو.گذريل 78 سالن ۾ سول حڪومتن ان مسئلي کي سياسي نعرو بڻايو، جڏهن ته فوجي حڪمرانن به ان کي ايجنڊا تي رکيو پر عملي جامو نه پارايو. هاڻي جيڪڏهن فيلڊ مارشل آصف منير ان مسئلي کي حل ڪن ٿا ته پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب لکجي سگهي ٿو.