تنقيد جي پرواهه نه ڪندي روس ۽ يوڪرين تڪرار ختم ڪرائيندس: ٽرمپ

واشنگٽن  (م ڊ) وائٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ سان يوڪريني صدر جي ملاقات ٿي، ملاقات ۾ پنج يورپي ملڪن جا سربراهه، نيٽو  ۽ يورپي يونين جي قيادت به ملاقات ۾ شريڪ ٿي، صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته وائٽ هائو ۾ اڄ وڏو ڏينهن آهي،  منهنجو خيال آهي ته روسي صدر پيوٽن به جنگ جو خاتمو چاهي ٿو، اسان چاهيون ٿا ته جنگ سڀني جي لاءِ بهتر انداز ۾ ختم ٿئي، زيلينسڪي چيو ته اسان جنگ جي خاتمي جي لاءِ صدر ٽرمپ جي سفارتي رستي جي حمايت ڪيون ٿا،  يورپي ملڪن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ٽرمپ پيوٽن جي تجويز مڃڻ جي لاءِ زيلينسڪي تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿو، عالمي ميڊيا موجب جنگ بندي جي بدلي پيوٽن يوڪريني علائقي جو قبضو چاهي ٿو، ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ’ٽروٿ سوشل‘ تي پوسٽ ڪندي چيو ته مون ڇهه مهينن ۾ ڇهه  جنگيون ختم ڪرايون،، جن مان هڪ ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ها، تنقيد جي پرواهه نه ڪندي، مان روس، يوڪرين تڪرار جو به حل ڪڍندس. ٽرمپ جو چوڻ هو ته هي جنگ منهنجي نه پر اڳوڻي صدر جو بائيڊن جي هئي، جيڪڏهن مان صدر هجان ها ته هي جنگ شروع ئي نه ٿئي ها.

مون کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته مان ڇا ڪري رهيو آهيان، ۽ انهن ماڻهن جي صلاح جي ڪا ضرورت ناهي، جيڪي سالن کان تڪرارن ۾ ڦاٿل آهن پر ڪڏهن به انهن جو خاتمو نه آڻي سگهيا آهن.

ٽرمپ الزام هنيو ته بيوقوف ماڻهو موجوده روس، يوڪرين تڪرار کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيا آهن، جيڪڏهن روس هٿ مٿي ڪري تسليم به ڪري ته به فيڪ نيوز ميڊيا ۽ ڊيموڪريٽ ساٿي ان کي منهنجي لاءِ شرمناڪ ڏينهن قرار ڏيندا، ڇو ته اهي هميشه ڪوڙين خبرن کي وڌائين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.