اسلام آباد (عاصما شيرازي) ائين لڳي رهيو آهي ته موجوده نظام ڪيڏانهن ناهي وڃي رهيو. اهڙا اشارا سهيل وڙائچ جي مضمون ۾ به ملن ٿا. پاڪستان جي معاشي توڻي پرڏيهي پاليسي بهتر نظر اچي آهي. پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپا بهتر بڻائي چڪو آهي، چين سان به سندس لاڳاپا بهتر آهن. هاڻي انهن ٻنهي وچ ۾ توازن برقرار رکڻو آهي جيڪو ڏکيو عمل هوندو. اهو ڏسڻو پوندو ته آمريڪا سان ڪيترو ڊگهو مدو لاڳاپا رهي سگهن ٿا ۽ ان دوران ڏکيائيون ڪهڙيون پيش اچن ٿيون ۽ پاڪستان ڪيئن منهن ڏئي ٿو. اهو فيلڊ مارشل عاصم منير لاءِ چئلينج هوندو. طاقت جو مرڪز هن وقت آرمي چيف بڻيل نظر اچي ٿو، ان کي آئين ڏانهن ڪيئن کڻي وڃڻو آهي اهو چئلينج آهي. ان کي جيترو جلدي شروع ڪري سگهجي ٿو ڪرڻ گهرجي ۽ اهو جيترو جلدي ڪجي اوترو پاڪستان لاءِ بهتر هوندو. ٻيڳالهه اها آهي ته عمران خان معافي وٺي ته ان سان اڳتي وڌي سگهجي ٿو. عمران خان لاءِ اهو به پيغام آهي ته موجوده سيٽ اپ سان اسٽيبلشمينٽ بيٺي آهي ۽ اها اتان چرڻ واري ناهي، پاليسين کي جاري رکيو ويندو. ٻي ڳالهه اها ته آرمي چيف وري وري چيو آهي ته 1979 کان اڳ جو پاڪستان گهرجي، يعنيٰ هو هڪ لبرل معاشري جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. آرمي چيف ذريعي پاليسيون هلي رهيون آهن پر انهن کي اڳتي سياست سان ڪيئن هلايو ويندو ۽ ان تي سياسي ماڻهن کي به ڳالهائڻ گهرجي. 27هين ترميم تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. اهي سڀ شيون ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهن ٿيون پر اهي شيون سياستدانن کي ڪرڻ گهرجن. اهو شعبو پاڪستان جي سياستدانن تي ڇڏي ڏيڻ گهرجي. ملڪ ۾ امن امان جا معاملا آهن، سڪيورٽي جا معاملا آهن، ان تي اتفاق آڻڻ گهرجي. عاصم منير لاءِ اهو چئلينج هوندو ته هو پنهنجي ڊاڪٽرائين ذريعي سياسي معاملن مان اداري کي ڪڍي ۽ ڪيئن ملڪي چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي ان تي به اتفاق ٿئي.