ٽوڪيو (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته جلد ئي پنجاب جو انفرااسٽرڪچر جاپان جي معيار تائين پهچايو ويندو.اڄ پوري پاڪستان مان ماڻهو پنجاب ۾ علاج ڪرائڻ اچن ٿا.ٽوڪيو ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هاڻي پاڪستان مان سٺيون خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ وڌيڪ سٺيون خبرون ملنديون. هن چيو ته شهباز شريف صبح جو 7 وڳي کان رات 12 وڳي تائين ڪم ڪري ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍي رهيو آهي. پنجن سالن ۾ 5 لک گهر غريبن کي ڏنا ويندا، مريم نواز چيو ته ڊسمبر تائين پنجاب ۾ 1100 اليڪٽرڪ بسون روڊن تي اچي وينديون، جن جو ڪرايو رڳو 20 رپيا هوندو. ان کان علاوه 50 هزار اسڪالرشپس ۽ هڪ لک ليپ ٽاپ به مستحق شاگردن کي ڏنا ويندا.
-
بهرام ويجهو گم ٿيل نوجوان بيدردي سان قتل، تشدد ٿيل لاش هٿ
بهرام (رپورٽ: نصرالله پتوجو ) بهرام ويجهو 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان جو وارھ برانچ مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، ڳوٺ محمد خان بروھي مان 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان جو وارھ برانچ مان تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو، علائقي واسين وارھ برانچ ۾ لڙهندڙ لاش کي ڏسي ٻاهر ڪڍي بهرام پوليسکي اطلاع ڏنو وارھ برانچ مان لاش هٿ اچڻ واري خبر پوڻ کان پوءِ پوليس اهلڪار علي نواز بروهي پهچي لاش جي سڃاڻپ پنهنجي 2 ڏينهن گم ٿي ويل ڀاڻيجي عبدالقادر پٽ ﷲ ڏنو بروهي طور ڪئي، نوجوان جو لاش ميروخان اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، علي نواز بروهي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀاڻيجو عبدالقادر پنجن ٻارن جو پيءُ ۽ هارپو ڪندو هيو جيڪو 2 ڏينهن اڳ رات جو موبائل فون تي ڳالهائيندي گهران نڪتو ته واپس نه آيو، ڪنهن سان دشمني ناهي، ڀاڻيجي کي اغوا ڪرڻ بعد بيدردي سان قتل ڪري لاش کي لوڙهيو ويو آهي.