صحافي خاور حسين جي لاش جو ٻيهر پوسٽ مارٽم، مٽيءَ ماءُ حوالي

حيدرآباد/سانگهڙ (نمائندن وٽان) صحافي خاور حسين جي موت جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ لاش جو ٻيھر پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، ميڊيڪل ليگل آفيسر ڊاڪٽر وسيم خان جو چوڻ هو ته خاور حسين جي لاش تي تشدد جا ڪي به نشان نه ھئا، شروعاتي پوسٽ مارٽم ھڪ ٻن ڏينھن ۾ جاري ڪئي ويندي، ڪراچي جي صحافي خاور حسين جو سانگهڙ ۾ سندس ئي ڪار مان گولي لڳل لاش ھٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ جي سلسلي ۾ خاور حسين جي لاش جو سول اسپتال حيدرآباد ۾ ٻيھر پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم ڪندڙن ۾ سول اسپتال حيدرآباد جو ميڊيڪل ليگل آفيسر ڊاڪٽر وسيم خان، ايڊيشنل پوليس سرجن ڊاڪٽر عديل ۽ فارينزڪ ڊپارٽمينٽ جو ماھر ڊاڪٽر واحد علي ناھيون شامل ھئا جن اٽڪل چئن ڪلاڪن تائين پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ لاش خاور حسين جي ڀاءُ اعجاز حسين حوالي ڪيو ويو جيڪو سانگھڙ کڻائي ويو، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ايم ايل او ڊاڪٽر وسيم خان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته خاور حسين جي ڀاءُ اعجاز حسين ٻيھر پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي درخواست ڏني ھئي جنھن جي بنياد تي ٻيھر لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو،  جنھن ۾ لاش مان پنج سيمپل ورتا ويا، لاش جي ورتل سيمپلز جي رپورٽ اچڻ بعد ئي اسان پوسٽ مارٽم ڪندڙ ٽيم جا ميمبر بھتر راءِ ڏئي سگھنداسين، جڏھن ته شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ھڪ ٻن ڏينھن ۾ جاري ڪئي ويندي ۽ سيمپلز جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ حتمي پوسٽ مارٽم جاري ڪئي ويندي، ھن ٻڌايو ته خاور حسين جي لاش تي تشدد جا ڪي به نشان نه ھئا صرف ھڪ گولي لڳل ھئي، سينيئر صحافي خاور حسين جي جنازي نماز آبائي ڳوٺ سانگهڙ ۾ ادا ڪئي وئي، سينيئر صحافي خاور حسين جي جنازي ۾ وڏي تعداد ۾ صحافين، عزيزن، مٽن مائٽن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي، وارثن جي موقف بعد خاور حسين جي موت بابت شڪ هجڻ ڪري حقيقت کي سامهون آڻڻ لاءِ لاش جو ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مرحوم جو مڙهه سانگهڙ آندو ويو جتي مرحوم  صحافي خاور حسين باجوا جي جنازي نماز مرڪزي عيد گاهه ۾  ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس ايس پي سانگهڙ عابد بلوچ، پ پ اڳواڻ اعجاز ڌامراهه، اعجاز زرداري سينئير صحافي ناز سهتو ڪالم نگار نواز ڪنڀر امير بخش بڙدي مونپسل ڪميٽي چئيرمن راشد اسلام مغل، محمد حسين بلوچ ۽سنڌ جي صحافتي برادري، شهرين ۽ مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز کانپوءِ مرحوم  خاور حسين  جي مڙهه کي هزارين آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي تدفين دوران شهر ۾ سوڳوار ماحول پکڙيل آهي، جڏهن ته جي آءِ ٽي ٽيم جو سربراهه آزاد خان سانگهڙ پهتو، سندس گڏ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد فيصل بشير ۽ ايس ايس پي سانگهڙ عابد بلوچ به شامل هئا، ٽيم واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ۽ ثبوت گڏ ڪري وتا، ان موقعي تي صحافي خاور حسين جي گاڏي جو به جائزو ورتو ويو، جتي گاڏي جو ايڪو سائونڊ ھلائي جاچ ڪئي وئي، ايس ايس پي آفيس سانگهڙ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي آءِ ٽي ٽيم جي سربراهه آزاد خان چيو ته صحافي خاور حسين جي موت جي معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ کان اڳ مڪمل ثبوت گڏ ڪرڻ لازمي آهي، پوليس ۽ جاچ ٽيم تي عوام اعتبار ڪري، ڇو ته ڪيس کي شفاف طريقي سان اڳتي وڌايو ويندو، آزاد خان وڌيڪ چيو ته هر شاهد جو بيان قلمبند ڪيو پيو وڃي، فلحال اهڙا ڪي به ثبوت نه مليا آهين  جنهن تي قتل جو رخ ڏنو وڃي ۽ فارنزڪ رپورٽ سان گڏ سمورا لاڳاپيل پهلو سامهون آڻڻ کان پوءِ ئي جاچ جي حتمي رپورٽ جاري ڪئي ويندي.

  1. پٽ پاڻ کي گولي نٿو هڻي سگهي، هُن کي شهيد ڪيو ويو آهي: والد

سانگهڙ: ڪراچي جي صحافي خاور حسين جو والد امڙ ۽ سندس ڀاءُ ڪراچي مان سانگهڙ جي رهائش گاهه تي پهتا جتي صحافي خاور حسين جي والد عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته منهجو پٽ بهادر هو خودڪشي نٿو ڪري سگهي منهجي پٽ کي شهيد ڪيو ويو آهي جنهن جي پوليس موت جي واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي اميد آهي ته جلد قتل جي موت جو پتو  پئجي ويندو، هن چيو ته پٽ بهادر هو، هو پاڻ کي ماري نٿو سگهي، هُن کي شهيد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.