وڏي وزير پاران بدين ۾ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ضلع بدين جي شهر ماتلي جي يونين ڪائونسل نمبر 2 ۾ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيڻ تي گهري تشويش جو اظهار ڪيو آهي، ايمرجنسي آپريشن سينٽر (EOC) پوليو ڪيس جي باضابطه تصديق ڪري ڇڏي آهي،چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ڪمشنر حيدرآباد سان فوري رابطو ڪندي 24 ڪلاڪن جي اندر تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي،هن چيو ته پوليو هڪ لاعلاج بيماري آهي ۽ ان کان بچاءَ جو واحد ۽ موثر ذريعو صرف بروقت ويڪسينيشن آهي۔ چيف سيڪريٽري سنڌ والدين تي زور ڏنو ته هو پنهنجن ٻارن کي هر صورت ۾ پوليو جا قطرا پيارين ته جيئن هو سڄي عمر جي معذوري کان محفوظ رهي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.