صنم ماروي ۽ احمد شاهه وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر) نامياري ڳائڻي صنم ماروي ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر احمد شاهه وچ ۾ شڪايتون ختم ٿي ويون، ٻنهي ٺاهه ڪري هڪ ٻئي کي معاف ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن اڳ صنم ماروي احمد شاهه کي 5 ڪروڙ هرجاني جو نوٽيس موڪليو هو ۽ الزام هنيو هو ته 10 آگسٽ تي سکر ۾ ٿيل سرڪاري پروگرام ۾ احمد شاهه هن سان بدسلوڪي ڪئي، ڌڪا ڏنا ۽ نامناسب ٻولي استعمال ڪئي. احمد شاهه انهن الزامن کي رد ڪيو هو. بعد ۾ ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ ليکڪا نور الهديٰ شاهه ٻنهي ۾ ٺاهه ڪرايو. ٺاهه جي وڊيو ثقافت واري وزير پنهنجي فيس بڪ تي شيئر ڪئي، جنهن ۾ احمد شاهه صنم ماروي کي ننڍي ڀيڻ قرار ڏئي، اختلافن کي غلط فهمي جو نتيجو سڏيو. هن اڻ سڌي ريت صنم ماروي کان معافي ورتي. صنم ماروي سنڌيءَ ۾ چيو ته هوءَ پنهنجا سڀ الزام واپس وٺي ٿي ۽ سنڌي روايت موجب سڀ شڪايتون ختم ڪري ٿي. هن سنڌ جي عوام جا ٿورا پڻ مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.