ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وھاب گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي تازي سياسي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم فوري طور نوٽيس وٺي، گورنر جي سياسي مداخلت کي روڪڻ گهرجي ميئر مرتضيٰ وھاب ڪورنگي ضلعي ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جو سنگ بنياد رکڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڇا ڪو گورنر سياست ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو؟گورنر کي ڪنهن به سياسي جماعت جو جهنڊو کڻڻ نه گهرجي، کيس پاڪستان زندہ باد جو نعرو لڳائڻ گهرجي، ڪنهن پارٽي جي نمائندگي ڪرڻ مناسب ناهي. هن گورنر ڪامران ٽيسوري جي ان بيان تي به اڻ سڌي ريت تنقيد ڪئي جنهن ۾ هن ”ڀائي‘ جي واپسي ۽ ’پراڻي ايم ڪيو ايم‘ جي بحالي جي ڳالهه ڪئي هئي۔ مرتضيٰ وھاب طنزيه انداز ۾ چيو: “شايد هو پاڻ کي ئي ’ڀائي‘ سمجهي ٿو،
-
مقبول يوٽيوبر ڊڪي ڀائي پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش دوران سوگهو
لاهور (م ڊ) نئشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) مشهور يوٽيوبَر سعدالرحمٰن عرف ڊڪي ڀائي کي ملڪ کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش دوران لاهور ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو. ترجمان موجب ڊڪي ڀائي سوشل ميڊيا تي جوا وارين ايپس جي پروموشن لاءِ 27 وڊيوز ٺاهيون هيون، جن تي جاچ هلي رهي آهي. عدالت کيس 2 ڏينهن جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو آهي ۽ 19 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اپريل ۾ به ڊڪي ڀائي خلاف موٽروي پوليس پاران تيز گاڏي هلائڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.