”را“ جا ايجنٽ ڪراچي کي صوبو بڻائڻ جي سازش پيا ڪن: عوامي تحريڪ

ڪي اين شاهه (پ ر) ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش ۽ زمينن ۽ وسيلن تي قبضن  خلاف عوامي تحريڪ ڪي اين شاهه طرفان ڪميونٽي سينٽر کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر، عاطف ملاح، هادي ڏنو کوھارو، بخت ٻرڙو، ايڊووڪيٽ شبير کوسو، ايڊووڪيٽ داد مگسي، راشد ڀرڳڙي ۽ ٻين ڪئي، اڳواڻن چيو ته هڪ طرف ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن وسيلي سنڌ جون زمينون نيلام ڪيون پيون وڃن ته ٻئي طرف ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. واپاري ايس ايم تنوير به ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي. ايف پي سي سي آءِ اڳواڻ واپاري ايس ايم تنيور طرفان ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري نون صوبن جي ڳالهه ڪرڻ صوبي اندر انتشار پکيڙڻ جي سازش آهي. اڳواڻن چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي. ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ ملڪ دشمن آهن. اهي پاڪستان جي سالميت جا دشمن آهن. قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان جا غدار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.