خاور حسين جي موت ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن: زين شاهه

ڪراچي (م ڊ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري خواجه نويد امين ايڊووڪيٽ، ڊان نيوز جي رپورٽر ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبر خاور حسين جي پرسرار موت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، زين شاهه چيو ته خاور حسين جي لاش جو سانگهڙ مان سندن گاڏي مان هٿ اچڻ انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، سيد زين شاهه ۽ خواجه نويد چيو ته خاور حسين جي پرسرار موت ڪيترائي سوال کڙا ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته هي صحافي برادري لاءِ وڏو نقصان آهي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، خاور حسين جي وارثن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي، زين شاهه وڌيڪ مطالبو ڪيو ته واقعي جي غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي،موت جا اصل سبب ۽ پردي پٺيان عنصر بي نقاب ڪيا وڃن ۽ ملوث ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.