”سنڌوءَ تي ٺهيل ڊيم ۽ بئراج درياءَ لاءِ زخم آهن“، 28 ورهين بعد پهرين سنڌي فلم” انڊس ايڪوز “ جي ناپا ۾ نمائش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اٺاويهه ورهين بعد پهرين سنڌي فيچر فلم ”انڊس ايڪوز“ جي خصوصي اسڪريننگ ناپا ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري رهندڙ ماڻهن ۽ سندن ڪهاڻين کي فلم جي ذريعي پيش ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس (ناپا) ۽ ڪلائيميٽ ايڪشن سينٽر (سي اي سي) آچر ڏينهن ”اميجن لائيف“ پروجيڪٽ تحت پهرين سنڌي فيچر فلم ”انڊس ايڪوز“ جي نمائش ڪئي، هيءَ پاڪستان ۾ 28 سال بعد ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم آهي.
فلم ۾ هارين، شاعرن، مهاڻن، عاشقن ۽ سنڌو درياهه جون ڪهاڻيون پيش ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ انسان ۽ درياءَ جي وچ ۾ لاڳاپن جي پيچيدگين کي فلمايو ويو آهي.
”انڊس ايڪوز“ جي هدايتڪار ۽ ليکڪ راهول اعجاز ٻڌايو ته فلم جي سڄي ڪهاڻي سنڌيءَ ۾ تيار ڪئي وئي ۽ پوءِ ان تي انگريزي جا سب ٽائيٽلز لڳايا ويا.
فلم جي نمائش کانپوءِ هڪ پئنل ڊسڪشن پڻ ٿي، جنهن ۾ صحافي ۽ ايڪٽيوسٽ آفاق ڀٽي چيو ته سنڌو درياهه تي ٺهيل ڊيم ۽ بئراج درياءَ لاءِ زخم آهن ۽ فلم جي شوٽنگ ڪوٽڙي بئراج جي ويجهو ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي تهذيب رڳو سنڌو درياهه تائين محدود نه هئي پر سڄي خطي جي دريائن جي نظام سان جُڙيل هئي.
سي اي سي جي ڊائريڪٽر ياسر درياءَ چيو ته فلم جو ٽريلر ڏسي کيس فوري محسوس ٿيو ته هي پروجيڪٽ انتهائي اهم آهي، تنهنڪري ان کي نمائش لاءِ چونڊيو ويو، فلم سموري ملڪ ۾ 12 سپٽيمبر تي رليز ڪئي ويندي.
تقريب جي شروعات ڊاڪٽر سعديه عباس (رٽگرز يونيورسٽي) ۽ نيلوفر فرخ جي پريزنٽيشنز سان ٿي.
ڊاڪٽر عباس چيو ته ماحولياتي تبديلي واري مسئلي ۾ هر ڪنهن کي شامل ٿيڻ گهرجي ۽ ان ۾ نوآباديتي دور ۽ بعد جي صنعتي ترقي ٻئي ذميوار آهن.
نيلوفر فرخ چيو ته هر چئلينج جو حل صرف تخيل ۽ تخليقي سوچ ذريعي ممڪن آهي ۽ ماڻهو زمين جي پيغامن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن.
تقريب ۾ هڪ ٻيو پئنل ڊسڪشن به ٿيو، جنهن جو عنوان هو ”ڪنڪٽنگ ٽرانسفارميٽو انرجيز“، جنهن ۾ فلم، تخيل ۽ مستقبل جي منصوبا بندي تي ڳالهايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.